ڀارتي فوج وڌيڪ ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو

 

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير  ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي ۽ وڌيڪ ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو آهي.

ڪشمير ميڊيا سروس ( ڪي ايم ايس ) موجب ڀارتي فوج ضلعي شوپيان جي علائقي چوگام ۽  ضلعي پلواما جي علائقي هردو ميرترال ۾ گهيري ۽ جهڙتي واري ڪارروائين ۾ ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو.

ڪي ايم ايس ٻڌايو ته ڀارتي فورسز نوجوانن کي شهيد ڪرڻ بعد علائقي جا سمورا ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪري ٻنهي ضلعن  ۾ انٽرنيٽ جي سروس کي معطل ڪري ڇڏيو.

ڪي ايم ايس موجب گذريل ڏينهن به ڀارتي فوج ضلعي اسلام آباد ۾ هڪ نوجوان کي شهيد ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.