”ڪرپشن کان پاڪ معاشري ۽ شهرين جي مدد لاءِ ڪوششن ۾ آهيون“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سندس حڪومت قائد اعظم جي وزن تحت ڪرپشن کان پاڪ معاشري ۽ پٺ تي پيل شهرين جي مدد جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

قائد اعظم محمد علي جناح جي پيدائش واري ڏهاڙي تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزير اعظم چيو ته اسان جي ٻارن جي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته هو پاڪستان جهڙي آزاد ملڪ ۾ پيدا ٿيا.

عمران خان چيو ته محمد علي جناح ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ ڌار ملڪ واري اهميت جو احساس ڪيو، جتي شهري عقيدي جي آزادي، پيشو، موقعا ملڻ سميت ٻيا حق رکندا هجن، قائد اعظم جي جهدو جهد کانسواءِ  پاڪستان ڪڏهن به اسان جو مقدر نه بڻجي ها.

هن چيو ته چئلينجن تي ضابطي جو واحد حل اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جي نظرين تي عمل آهي، اسان جي حڪومت قائد اعظم جي نظريي موجب ڪرپشن کان پاڪ معاشري ۽ پٺ تي پيل شهرين جي مدد لاءِ ڪوششن ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.