ڪراچي جي ٽريفڪ عاطف اسلم کي موٽر سائيڪل جي سوريءَ تي مجبور ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور گلوڪار عاطف اسلم موسيقي سان محبت جو مثال قائم ڪري ڇڏيو.

گذريل رات عاطف اسلم جڏهن ڪنسرٽ جي لاءِ نڪتو ته ڪراچي شهر ۾ ٽريفڪ جو جام هجڻ سندس صبر جي لاءِ امتحان بڻجي ويو.

گلوڪار هيڏانهن ڏٺو نه هوڏانهن، فوري طور موٽر سائيڪل تي سوار ٿيو ۽ ڪراچي شهر جي ٿڌين هوائن جو مزو ماڻيندي ڪنسرٽ واري هنڌ پهچي ويو.

عاطف اسلم سان محبت ڪندڙن جو وڏو انگ گذريل رات کيس ٻڌڻ جي لاءِ ڪنسرٽ ۾ پهتو، جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي ۽ عاطف اسلم کي موٽر سائيڪل تي ڪنسرٽ جي احاطي ۾ داخل ٿيڻو پيو.

پهرين ته ان جي شوقينن کي خبر ئي نه هئي ته موٽر سائيڪل تي عاطف اسلم سوار آهي پر جڏهن کين پتو پيو ته موٽر سائيڪل تي عاطف اسلم آهي ته هنن ڊوڙون پاتيون پر تيستائين فنڪار مين گيٽ کان اندر داخل ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.