خيرپور: شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش واري ڪيس ۾ نئون رُخ

 

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور جي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش واري ڪيس ۾ نئون رُخ سامهون اچي ويو.

واضح رهي ته راڻيپور قومي شاهراهه تي 7 کان وڌيڪ جوابدارن هٿيارن جي زور تي يونيورسٽي جي بس کي روڪي شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ان دوران شاگردياڻين مزاحمت ڪئي ته انهن کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن دوران ڪجهه شاگردياڻيون به زخمي ٿيون هيون.

واقعي بابت متاثر شاگردياڻي خوشبو ڀٽي جو چوڻ هو ته جوابدار صفدر وساڻ زبردستي بس کي روڪي هٿياربندن سان گڏ بس ۾ سوار شاگردياڻين سان بدتميزي ڪئي ۽ مونکي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

شاگردياڻي کي اغوا جي ڪوشش ۽ شاگردياڻين کي زخمي ڪرڻ واري واقعي خلاف شاگردن قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو هو.

پوليس متاثر ڇوڪريءَ جي درخواست تي جوابدار صفدر وساڻ سميت 16 ڄڻن خلاف ڪيس به داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان معاملي جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس به گذريل ڏينهن نوٽيس وٺندي ڌرين کي 28 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو آهي پر هاڻ نئون رُخ سامهون اچي ويو آهي ۽ جوابدار صفدر وساڻ جي پيءَ متاثر ڇوڪري جي گهر پهچي خوشبو ڀٽي ۽ ان جي پيءَ کان معافي گهري آهي.

متاثر ڇوڪري ۽ ان جي پيءَ صدر وساڻ کي معاف ڪندي چيو آهي ته اسان ڪنهن به لالچ يا دٻاءَ ۾ اچي معافي ناهي ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.