انساني جسم جو هڪ نئون حصو دريافت

 

سائنسدانن انساني جلد هيٺان هڪ نئون حصو دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

هونئن ته 2017 کان مڃيو ويندو آهي ته انساني جسم ۾ 78 عضوا آهن پر پوءِ آنڊن کي معدي جي ٻاهرئين حصي سان جوڙيندڙ جهري جي واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ اهو انگ 79 ٿي ويو، جڏهن ته 2018 ۽ 2019 ۾ به ٻه نوان عضوا دريافت ڪرڻ جي دعويٰ سامهون آئي هئي.

هاڻ هڪ ٻيو نئون انساني عضوو دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جيڪو هيٺين ڄاڙي ۾ موجود مسلز جو هڪ تَهه آهي، محققن موجب اهو چٻاڙڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندو آهي.

طبي رسالي جنرل اينالز آف ايناٽومي ۾ شايع تحقيق موجب نيسلٽڊ ڊيپ نالي اهو مسل ڄاڙين جي مسلز جو حصو آهي، جيڪو ڳَلن ۽ هيٺين ڄاڙي جي وچ ۾ هوندو آهي.

ماهرن موجب تضادي خيالن کي ڏسندي اسان ٻاڙي جي ان مسل جي بيهَڪ جي منظم جاچ پڙتال جو فيصلو ڪيو، ائين ڄاڙي جي مسل جي ان ٽئين تَهه تي پهتاسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.