نابين نجومڻ بابا وانگا جون 2022 لاءِ ڪيل ڀوائتيون اڳڪٿيون

 

بلغاريا سان واسطو رکندڙ جڳ مشهور نجومڻ بابا وانگا ڪيترن ئي واقعن جي اڳڪٿي ڪري وئي آهي، جن مان 80 کان 90 سيڪڙو درست ثابت ٿيا آهن، جڏهن ته هن ايندڙ سال 2022 لاءِ به اڳڪٿيون ڪيون آهن.

بابا وانگا جا مڃيندڙ چون ٿا ته هن شهزادي ڊيانا جي مرڻ، سوويت يونين جي ختم ٿيڻ، جرمني جي اوڀر ۽ اولهه جي اتحاد ۽ 2004 ۾ ٿائلينڊ جي سونامي جهڙيون وڏيون اڳڪٿيون ڪيون هيون، جيڪي پوريون ٿيون هيون.

بابا وانگا هڪ حادثي ۾ اکين جي نور کان محروم ٿي وئي هئي، جنهن بابت اهو چيو وڃي ٿو ته هن وٽ ايندڙ وقت کي ڏسڻ جي ڏات قدرتي طور تي موجود هئي، سندس ڄم 1911 ۾ ٿيو، جڏهن ته هوءَ 1996 ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

هوءَ نه رڳو حڪيم هئي پر مذهبي پيشوا به هئي، جنهن 5079 تائين اڳڪٿيون ڪيون هيون، سندس خيال هو ته ان کانپوءِ دنيا ختم ٿي ويندي.

بابا وانگا 2022 جي حوالي سان ڪيتريون ئي اڳڪٿيون ڪري وئي آهي، سندس موجب ان سال ۾ خطرناڪ زلزلا ۽ ٻوڏون اينديون، آسٽريليا ۽ ايشيائي ملڪن کي ايندڙ سال زلزلن کي منهن ڏيڻو پوندو، جنهن سبب ڪيتريون ئي حياتيون ضايع ٿي وينديون.

جتي دنيا اڳ ئي ڪورونا وائرس جهڙي عالمي وبا جي ور چڙهيل آهي، اتي بابا وانگا موجب محقق سائبيريا ۾ هڪ خطرناڪ وائرس هٿ ڪندا، اهو وائرس ماڻهن ۾ تيزي سان پکڙجندو، جڏهن ته ان کان بچڻ جا انتظام ڪرڻ ۾ به وڏو وقت لڳي ويندو.

اکين جي نور کان محروم نجومڻ جي اڳڪٿي موجب ڀارت جي ڪيترين ئي رياستن ۾ 2022 دوران ماڪڙ جا حملا ٿيندا، جنهن سبب وڏي تباهي جو امڪان آهي، ان کان اڳ گجرات، راجسٿان ۽ مڌيا پرديش ۾ ماڪڙ جا حملا ٿيا هئا.

جتي دنيا اڳ ئي پاڻي بحران جو شڪار آهي، اتي بابا وانگا چئي وئي آهي ته 2022 ۾ دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ پاڻي جي تمام گهڻي کوٽ پيدا ٿي ويندي.

پرڏيهي ميڊيا موجب بابا وانگا ٽيڪنالاجي جي حوالي سان به اڳڪٿي ڪئي آهي ته جتي اڳ ئي ماڻهو ٽيڪنالاجي جو گهڻو استعمال ڪري رهيا آهن، اتي 2022 ۾ وڌيڪ استعمال شروع ٿي ويندو، جنهن ڪري ماڻهو ذهني مرضن ۾ مبتلا ٿي ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.