ڪرڪيٽ جي مدان ۾ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت کي چِٿي ڇڏيو

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 ايشيا ڪپ جي وڏي مقابلي ۾ پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڀارت کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

روايتي مخالفن ۾ مقابلو آخري بال تائين ويو ۽ پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 2 رنسون گهربل هيون ته احمد خان چوڪو هڻي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي.

هن 3 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 19 بالن تي 29 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.

ان کان اڳ محمد شهزاد 81 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته محمد عرفان 32 ۽ رضوان محمود 29 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

واضح رهي ته ڀارت جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 49 اوورن ۾ 237 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي، پاڪستان جي ذيشان ضمير بهترين بالنگ ڪرائيندي 5 وڪيٽون ورتيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.