اسرائيلي ڌمڪين جو ميزائلن سان جواب، معمولي غلطي تي هٿ ڪَپي ڇڏينداسين: ايران

 

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران فوجي مشقن دوران 15 مختلف بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪري اسرائيل کي وارننگ ڏني آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ايران 5 ڏينهن جي فوجي مشقن دوران مختلف بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا، جنهن کي ايراني فوجي اختيارين اسرائيل لاءِ هڪ وارننگ قرار ڏنو آهي.

ايراني فوج جي چيف آف اسٽاف جو چوڻ هو ته اهي فوجي مشقون اسرائيل طرفان ڌمڪين جو جواب آهن.

هن چيو ته مقن دوران 16 ميزائلن پنهنجي هدف کي نشانو بنايو، جڏهن ته مشقن جو حصو بڻجندڙ سوين ايراني ميزائل ايران تي حملي جي جرئت ڪندڙ ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

ايراني جنرل موجب فوجي مشقون اسرائيل رياست لاءِ سنگين وارننگ آهي، تنهن ڪري ايران خلاف معمولي غلطي به ٿي ته اسان هٿ ڪَپي ڇڏينداسين.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسرائيلي وزيراعظم الزام هنيو هو ته ايران جوهري ڳالهين جي معاملي تي بليڪ ميلنگ ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري عالمي برادري ان سان سختي سان پيش اچي ۽ اسرائيلي فضائيا جي سربراهه چيو هو ته ضرورت پوڻ تي ايران تي حملو به ڪري سگهون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.