ڪراچي ۾ ڏوهه وڌي ويا، سنڌ حڪومت جو به اعتراف

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب اعتراف ڪيو آهي ته هڪ سال دوران شهر ۾ ڏوهن جي شرح وڌي وئي آهي.

ڪراچي پوليس موجب سال 2020 ۾ ڪراچي اندر 20743 موبائل فونز کسيا ويا پر هلندڙ سال وارداتن ۾ واڌ آئي آهي، گڏيل طور تي 24030 موبائل فونز اسٽريٽ ڪرائم جي ڏوهارين جي قبضي مان هٿ ڪيا ويا.

پوليس رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل سال ڪراچي ۾ 1560 گاڏيون ڦر يا چوري ڪيون ويون، چوري ٿيل گاڏين جو انگ سال 2021 ۾ وڌي 2060 تي پهچي ويو.

رپورٽ موجب سال 2020 ۾ ڪراچي شهر اندر لڳ ڀڳ ساڍا 35 هزار موٽر سائيڪلون ڦر ڪيون ويون پر هلندڙ سال اهو انگ 50 هزار کان به وڌي ويو آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گذريل سال سنڌ جي گادي واري شهر ۾ 507 ماڻهو قتل ڪيا ويا، هلندڙ سال مارجي ويلن جو انگ 541 آهي، اهڙي ريت گذريل سال ڀنگ لاءِ اغوا جي ڏوهن  جا 24 واقعا ۽ هلندڙ سال 55 واقعا رپورٽ ٿيا آهن.

ٻئي پاسي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰٰ وهاب ڏوهن ۾ اضافي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته معاشي حالتن جي ڪري اسٽريٽ ڪرائم ۾ واڌ ٿي آهي، ڪراچي تمام خراب وقت ڏٺو آهي پر شهر جي صورتحال 2013  ۽ 2014 جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.