ڪورونا جو خطرناڪ ويرينٽ اومي ڪرون اسلام آباد به پهچي ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي تخت گاهه اسلام آباد ۾ به اومي ڪرون جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو.

اين آءِ ايڇ ذريعن موجب اسلام آباد ۾ اومي ڪرون جو پهريون ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ ڪانٽيڪٽ ٽريسنگ جو عمل جاري آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد جي شهري ۾ اومي ڪرون جي تصديق ٿي آهي ۽ مريض جي ٻاهرين ملڪ ۾ ڪا ٽريول هسٽري ناهي.

ذريعن موجب اومي ڪرون مريض جي رڳو ڪراچي جي ٽريول هسٽري آهي ۽ مريض جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ اومي ڪرون جي پهرئين ڪيس جي تصديق 13 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ٿي هئي، جتي هڪ عورت ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جيڪا اسپتال ۾ علاج هيٺ رهڻ کانپوءِ صحتياب ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.