تحريڪ انصاف جي نئين تنظيم جو اعلان، اسد عمر جنرل سيڪريٽري مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي سياسي جماعت جي نئين تنظيم جو اعلان ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم عمران خان خيبر پختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ شڪست کانپوءِ گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جو تنظيمي ڍانچو ٽوڙي ڇڏيو هو.

هاڻ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ٻڌايو آهي ته عمران خان پارٽي جي نئين تنظيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

فواد چوڌري چيو ته اسد عمر تحريڪ انصاف جو نئون سيڪريٽري جنرل هوندو، جڏهن ته عامر محمود ڪياني کي پارٽي جو ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل نامزد ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته پرويز خٽڪ خيبر پختونخواهه، علي زيدي سنڌ، قاسم سوري بلوچستان، شفقت محمود پنجاب ۽ خسرو بختيار ڏکڻ پنجاب جا صدر هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.