هوسڙي مان چور موٽر سائيڪل ڪاهي فرار

هوسڙي (ن ع آ) ھوسڙي ٿاڻي جي پوليس پوسٽ بيھڻ موري ڀرسان گووند ميگھواڙ  جي 2022 ماڊل جي نيو ھنڊا موٽر  سائيڪل گھر اندران نامعلوم چور ڪاھي فرار ٿي ويا.گووند ميگھواڙ صحافين کي ٻڌايو ته سياري جي سردي سبب اسين سڀ گھرڀاتي ڪمرن ۾ ستل ھئاسين ۽ منهنجي 2022 نيو ھنڊا موٽرسائيڪل ٻاھر ورانڊي ۾ بيٺل ھئي.ھن چيو ته فجر مھل ڪمري مان حاجت موجب نڪتس ۽ ڏٺم ته ٻاھريون دروازو کليل ھيو ۽ موٽر سائيڪل به بيٺل نه ھئي.

  • موهن دڙو لڳ ٻن موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، ڳوٺاڻي جي ڄنگهه ڀڄي پئي

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) خير محمد آريجا باءِ پاس وٽان مين موئن جو دڙو ايئرپورٽ روڊ   تي ٻن موٽرسائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ خير محمد آريجا واسي عمران شيخ پنهنجي شهر کان باقراڻي وڃي رهيو هو ۽ مير محمد ڏهر لاڙڪاڻي کان پنهنجي ڳوٺ قلندرآباد اچي رهيو هو جنهن جي نتيجي ۾ مير محمد ڏهر جي ساڄي ڄنگھه ڀڄي پئي ۽ پير ۾ ڌڪ لڳس، جڏهن ته عمران شيخ شديد زخمي ٿي پيو، اهڙي واقعي جو اطلاع يونيورسٽي ايٽ آريجا ٿاڻي تي ڏنو ويو

  • هوسڙي لڳ چوري جي ڪوشش ڪندڙ چور سوگهو، پوليس حوالي

ھوسڙي (ن ع آ) ھوسڙي ٿاڻي جي حد  ڳوٺ صديق ملاح  ۾ اڻڄاتل شخص ڪاٺيون  خريدڻ جي بھاني ٽال ۾ داخل ٿي ريزڪي ڪاٺيون وڪڻندڙ کي ڳالھين ۾ ورگلائي ويھ ڪلو جا لوھي توراڙا  لڳائڻ جي ڪوشيش ڪئي ته ٽال مالڪ  کيس ڏسي ورتو .جنهن کانپوء ٽال مالڪ چور کي ويھارڻ جي بھاني سان پڪڙي پوليس پوسٽ ھوسڙي انچارج  اي ايس آئي رشيد حوالي ڪري مٿس چوري جي ڪوشيش جي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي. دڪاندار گل شير ملاح صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته منهنجو پٽ شاھد ملاح ٽال تي اڪيلو ھيو پڪڙيل چور آيون ۽  چيائينس ته ڪاٺيون خريد ڪرڻيون آھن.ھن ٻڌايو ته شاھد ڪمري مان ڏوري کڻڻ لاء ويو ته ھن ويھ ڪلو جو وٽ  لڪائڻ جي ڪوشيش ڪئي جنهن کي  ڏسندي کيس ٽال تي ويھارڻ جي بھاني سان پڪڙي ورتو جنهن کانپوءِ پڪڙيل چور کي پوليس حوالي ڪري مٿس اين سي داخل ڪرائي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.