خانواهڻ ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني، پوليس زيادتين خلاف احتجاج

خانواهڻ   ( ن ع آ ) خانواهڻ شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾ وڌندڙ بدامني ، منشات جي اڏن ۽ پوليس جي اڍنگي رويي خلاف اڄ چوٿين ڏينهن پڻ ڪونڌر ينگ اتحاد ، شهري اتحاد ، آل پاڪستان ڪونڌر اتحاد ، شاهه لطيف فائوڊيشن ۽ ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب خانواهڻ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ايس ايڇ او خانواهڻ ۽ مقامي پوليس اهلڪارن خلاف سخت نعري بازي ڪئي جتي اڳواڻن منظور عباسي ، نور محمد سهتو، سيد عاشق علي شاهه،  غلام مجتبيٰ  ڪونڌر ، ماجد ڪونڌر ، عبد الغفور سحر ، عامر علي ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته خانواهڻ شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي جڏهن ته منشيات سميت سماجي برايون پڻ عروج تي پهتل آهن پر خانواهڻ پوليس ڳري رشوت ملڻ سبب اگهور ننڊ ستل آهي، ويتر سماجي اڳواڻ الله بخش کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ايس ايس پي نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.