ڪنري ويجھو عورت جو ڪارنهن الزام هيٺ قتل، جوابدار گرفتار

ڪنري (رپورٽ:وسرام چند مڪواڻا) ھڪ ڏينھن اڳ ڪنري ويجھو ڍڊرو جي ڳوٺ امير منڱريو ۾ بي رحم مڙس هٿان بيدردي سان ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪيل ناري ڪويتا ڪولھي جو مڙھ تعلقي اسپتال ڪنري مان پوسٽمارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جنھن بعد مقتولا جو لاش سندس وارث کپرو کڻائي ويا جتي آخري رسمن بعد مڙھ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي مقتولا ڪويتا جي ڀاءُ ھريش ڪولھي جي فرياد تي ڪنري ٿاڻي تي عورت جي قتل جو ڪيس سندس مڙس نارائڻ ڪولھي ۽ ڏير سومرو ڪولھي خلاف داخل ڪيو ويو آھي، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي تگ ڪويتا جو ڏير سومرو ڪولھي پنهنجي ڀاء کي هشيون ڏيندو هو ۽ ڀڙڪائيندو هو جنهن جي چرچ تي منھنجي ڀيڻويو نارائڻ ڪولھي منھنجي ڀيڻ ڪويتا کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو ان کان اڳ به ھن مختلف وقتن تي مٿس تشدد ڪندا ھئا، پوليس اھڙي فرياد بعد ٻنھي ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري مڙس نارائڻ ڪولھي کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته ڏير سومرو ڪولھي جي گرفتاري لاء ڇاپا ھڻڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.