لاڙڪاڻي خيرپور پل تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، پيرسن فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان لاڙڪاڻو ،خيرپور پل روڊ تي تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾  موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ ڪيهر واسي پيرسن منور علي عباسي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڪار ڊرائيور ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي علاج دوران پيرسن زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ان موقعي تي ڪار ڊرائيور ٻڌايو ته لاڙڪاڻو – خيرپور پل تي منهنجي ڪار جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو آهي. هوڏانهن اطلاع تي فوتي پيرسن جا وارث اسپتال پهتا جن پيرسن جي لاش کي ڏسي زارون قطار روئيندا هئا جتي ضروري ڪاروائي بعد فوتي پيرسن جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.