مانجهند لڳ حادثو، شهدادڪوٽ واسي فوت، پٽ زخمي

مانجهند(ن ع آ) مانجهند ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ موٽر سائيڪل کي سيوهڻ کان ڄامشورو طرف ويندڙ ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار 45 ورهين جو تعلقه  ميروخان شھداد ڪوٽ واسي راشد خان چانڊيو موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن ت سندس معصوم پٽ واجد علي زخمي ٿي پيو فوتي جي لاش ۽ زخمي کي مقامي ماڻھن تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو ويو جتي لاش جي پوسٽ مارٽم ڪري سرد خاني رکرايو ويو جڏھن ت  زخمي نينگر کي سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو مانجهند پوليس  ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏھن ت ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو،  آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.