جوهي لڳ نينگر واهه ۾ ٻڏي فوت، گهر ۾ ڪهرام

جوهي ( ن ع آ )  جوهي جي ڳوٺ خدا بخش سولنگي ۾ 5 سالا نينگر نادر علي ولد علي حيدر سولنگي گهر اڳيان واٽر جي بيٺل پاڻي ۾ ٻُڏي  فوت ٿي ويو آهي  چيو پيو وڃي ته ڳوٺ جا ٻارڙا ڳوٺ ٻاهران واٽر  ڀرسان کيڏي رهيا هيا ته اوچتو پير ترڪڻ سبب پنج سالا نينگر نادر ولد علي حيدر سولنگي تلاءُ ۾ ڪري پيو, ٻين ٻارن جي رڙين تي ڳوٺاڻن کيس پاڻي مان ڪڍي تعلقه اسپتال جوهي پهچايو , جتي ڊاڪٽر نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي, فوتي نينگر جو لاش  گهر پهچايو ويو آهي جتي سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.