دادو ۾پيارو شاخ جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو

دادو ( ڊ ر )  دادو ۾ پيارو شاخ جي آبادگارن زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف پريس ڪلب دادو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري  نعريبازي ڪئي. آبادگارن عبدالقادر پنهور، پير گنبل شاهه، اقبال چارڻ، علي اڪبر مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته پيارو شاخ 18 ميل ڊگهي شاخ آهي جنهن جي ايريا ۾ جر پڻ کارو آهي شاخ ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب ڪڻڪ جو پوکيل فصل سڪي سڙي رهيو آهي، هنن چيو ته دادو ڪينال جي سکر بيراج ۾ گيج گهٽائي وئي آهي، دادو ڪينال جي گيج 9 فوٽ آهي ان جي جاء تي ڪينال ۾ فقط 4 کان ساڍا 4 فوٽ پقڻي ڇڏيو ويو آهي جنهن ڪري دادو ڪينال ۾ نڪرندڙ پيارو شاخ سميت اڪثر شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، هنن چيو ته ڊي اي پي ڀاڻ 9 هزار روپيه ٻوري ۽ يوريا ڀاڻ 2800 سئو روپيه ٻوري بليڪ تي خريد ڪري فصل پوکيا آهن، اسان جا فصل سڪي سڙي رهيا آهن پر هٿ وٺي دادو ڪينال جو پاڻي جيڪو 9 فوٽ سکر بيراج مان ڇڏڻو آهي ان جي جاء تي 4 فوٽ پاڻي ڇڏي معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ آبپاشي واري صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته دادو ڪينال ۾ پاڻي جو وهڪرو 9 فوٽ ڪري ٻن ڏينهن ۾ پيارو شاخ سميت دادو جي شاخن ۾ پاڻي پڇڙي تائين پهچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

  • ٺارو شاهه ۽ ڀرپاسي ۾ نشي آور سوپارين جو وڪرو

ٺاروشاھه  ( ن ع آ ) ٺاروشاھ  ۽  ڀرپاسي جي سوين ڳوٺن ۾  نشي آور سوپارين زيڊ ايڪو جو  وڪرو کلي عام هلڻ لڳو،  ڀرپاسي ۾ بااثر مافيا جو هول سيل تي ڌندو وڏي پيماني تي هلڻ جي ڪري هر ننڊي توڙي وڏي ڪيبن تي نشي آور زيڊ ايڪه جو وڪرو ٿي رهيو آھي، ٺاروشاھ پوليس بااثر مافيا خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري جنهن تي ٺاروشاھ شهري اتحاد جي اڳواڻن اقبال قريشي، اعجاز مغل محمد علي اڄڻ راڻا اشرف راجپوت جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب تي احتجاج ڪيو ويو، جتي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڄي شهر ۾ زيڊ ايڪه کلي عام وڪرو ٿيڻ جي ڪري ٻارڙا توڙي نوجوان نشي آور سوپارين جا عادي بڻجي ويا آهن سوين ڳوٺن ۾ هلندڙ نشي آور سوپاريون وڪرو ڪندڙ بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ نشي آور سوپارين جو وڪرو فوري طور تي بند ڪرايو وڃي.

  •  ڪوٽڏيجي لڳ حادثو،  ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي

ڪوٽڏيجي(ن ع آ) ڪوٽڏيجي لڳ بجلي گريڊ سامهون پراڻي نيشنل هاءِ وي روڊ تي تيز رفتار  ڪار جو ڪراسنگ دوران موٽر سائيڪل کي ٽڪر جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ نور محمد بگٽي رهواسي نوجوان منتظر علي بگٽي مسمات جندول خاتون ۽ پيرسن عورت مسمات ڌياڻي خاتون سخت زخمي ٿي پيا جن کي علائقي واسين مقامي اسپتال ڪوٽبنگلو آندو ويو جتي زخمين مان مسمات جندول خاتون جون ٻئي ٽنگون ۽ ھڪ ٻانهن ۽ پيرس عورت مسمات ڌياڻي جي به هڪ ٽنگ ڀڄي پئي ٽنهي زخمين کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال خيرپور ڏانهن ريفر ڪيو ويو علائقي واسين ڪار ڊرائيور کي پڪڙي ڪار سميت ڪوٽڏيجي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو   آخري اطلاعن تائين حادثي جو ڪيس ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي داخل نه ٿي سگهيو هو.

  • خيرپور ۾ عورت ميرواهه ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

خيرپور ( ڊ ر) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ گهرو پريشاني جو شڪار عابد ڪالوني واسي نوجوان  عورت نازيا زال سرتاج برهماڻي ميرواهه ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت زخمي حالت ۾ بچائي ورتو، زخمي عورت کي سول اسپتال خيرپور جي ايمرجينسي وارڊ ۾ علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اي سيڪشن پوليس موجب  واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

  • پيرڳوٺ لڳ اغوا ڪيل ناري هٿ، وارثن حوالي

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ حسو ڪانھر مان 4 مھينا اڳ اغوا ڄاڻايل ٿيل ناري بختاور عرف گڏ ڌيءَ علي حسن ڪانھر کي وارثن ۽ احمدپور پوليس هٿ ڪري ورتو آھي، ڪالھ احمدپور پوليس ناري کي پيرجوڳوٺ جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي ناري عدالت کي ٻڌايو ته مونکي جميل مڱڻيجو، ڌڻي بخش مـڱڻيجو سميت 4 ڄڻن اغوا ڪري ويگو گاڏي ۾ کڻي نامعلوم هنڌ قيد ڪيو جتي هنن  مونسان عقوبتون ڪيون، هينئر مان پنهنجي وارثن ڏانهن وڃڻ چاھيان ٿي. عدالت ناري جي بيان بعد کيس پوليس کي وارثن  حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن کي بعد ۾ وارثن حوالي ڪيو ويو، ياد رھي ته 4 مھينا اڳ ڳوٺ حسو ڪانھر مان مبينا اغوا ٿيل ناري بختاور عرف گڏي ڪانھر جو ڪيس احمدپور ٿاڻي تي جميل مڱڻيجو، ڌڻي بخش مڱڻيجو ۽ ٻين تي داخل ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.