باڊهه ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ، بليڪ تي وڪرو، ش ڀ جو ڌرڻو

باڊھه (رپورٽ : نظام ڪولاچي ) باڊھ ۾ يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ۽ زخيرا اندوزي خلاف پ پ شھيد ڀٽو پاران فداحسين تونيو امير علي  مغيري جميل ميمڻ ۽ زبير لاکير جي اڳواڻي ۾ باڊھ پريس ڪلب کان احتجاجي جلوس ڪڍي حيدر چوڪ وٽ ڌرڻو ھنيو ويو احتجاج ۾ مختلف تنظيمن جي مقامي اڳواڻن ڪارڪنن کان علاوه آبادگارن پڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته سنڌ جي ننڍن آبادگارن سان ھميشه ويساھ گھاتي ٿيندي رھي آھي جيڪا نه ٿيڻ گھرجي ھنن چيو ته وڏن آبادگارن کي ته سرڪاري آشيرواد سان ڀاڻ جا ٽرالا ڏنا وڃن ٿا پر ننڍن آبادگارن کي بليڪ تي وڪرو ڪري لکين روپيه ڪمائن ٿا جيڪا ننڍن آبادگارن سان سراسر ناانصافي آھي ۽ اسان اھڙي زيادتي ڪڏھن به برداشت نه ڪنداسين ھنن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سنڌ مان يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪرائي ڀاڻ زخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.