خيرپور ۾هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي

خيرپور ( ڊ ر )  اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شهر جي مک ڪاروباري علائقي گهنٽا گهر ڀرسان نامعلوم هٿياربندن  فائرنگ ڪري سبزي  وڪرو ڪندڙ پورهيت بشير ناريجو ۽ سندس معصوم پٽ عبدالوهاب ناريجو کي زخمي ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، پوليس ۽ شهري واقعي واري هنڌ پهچي زمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو جتي زخمي جو علاج هلندڙ آهي، هن سلسلي ۾ زخمين جي وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدارن جا چهرا کليل هئا، جن کي ڏسڻ سان سڃاڻينداسين، جڏهن ته  شهرين جو چوڻ آهي ته واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ ڪچي ۾ ناريجا برادري ۽ اوڍا برادري جي وچ۾  هلندڙ خوني تڪرار جو نتيجو آهي، هن سلسلي ۾ ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر قبال جو چوڻ آهي ته واقعي جي گهڻ رخي جاچ ڪري رهيا آهيون، جن لاءِ الڳ الڳ ٽيمون تشڪيل ڏنيون آهن، سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف جاچ ڪئي پئي وڃي، انشالله تمام جلد جوابدارن کي انجام تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.