ماتلي ۾ ڀاڻ کوٽ خلاف هاري ڪميٽي جو ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

ماتلي (ت  ر) سنڌ ۾ هٿرادو زرعي ڀاڻ جي کوٽ خلاف ماتلي ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي جنرل سيڪرٽري احمد نواز انقلابي،  مير آزاد ٽالپر ، علي حسن لنڊ، ڪامريڊ ولي محمد , قاضي نظير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي بس اسٽاپ چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو, ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته هارين کي مهنگو ڀاڻ ڏئي سندن روزي کسي پئي وڃي سنڌ کي هڪ ڳجهي سازش تحت تباه ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته پهرين سنڌ کي پاڻي گهٽ ڏنو ويو وري ڪارو ڀاڻ مهنگو ڪيو ويو ان کان پوء هاڻي يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ جون زمينون بنجر بڻائڻ جي سازش سٽي وئي  آهي جنهن ۾ سنڌ جا حڪمران ڀاڱي ڀائيوار جا شريڪ آهن سنڌ هاري ڪميٽي اهڙي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي, هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي حڪمرانن سنڌ ۾ ڪرپشن عروج تي پهچائي آهي هو ڪرپٽ مافيائن سان مليل آهن هنن جي ووٽ سان اقتدار ۾ اچي هنن جي حقن تي ڌاڙا هڻن ٿا , اڳواڻن وفاقي ۽ سنڌ سرڪار کي چتاء ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ جي قومي شاهراهن کي بند ڪري احتجاج ڪيو ويندو , ڌرڻي سبب ماتلي کان ٻين شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.