قمبر ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

قمبر (ن ع آ) سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ ڳري اگهه ۾ وڪرو خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جو احتجاجي مظاهرو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ان اڳواڻن  بخش جاگيراڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منافع خور ڊيلر يوريا ڀاڻ جو اگهه هڪ هزار تائين وڌائي آبادگار ۽ هارين کي سخت مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته انتظاميا به هارين جي مسئلن تي ڌيان ڪو نه پئي ڏئي جنهن سبب خريف جي مند چڙهي وڃڻ ڪري هارين کي لکين روپين جو نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ کي ختم ڪري هارين جي خريف جو فصل بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ هارين جي نقصان جي ڀرپائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.