زندگي لاءِ اخلاق، علم ۽ عمل جي ضرورت

تحيري : محمد فاروق ٻرڙو قادري

زندگي گذارڻ جي لاءِ علم ۽ پوءِ عمل جي ضرورت ھجي ٿي، ھن دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ جتي انسان کي جسماني گهرجن پوريون ڪرڻيون پونديون آهن، اتي سندس روحاني طرح سان کيس اخلاق ۽ فضيلت جي ضرورت پڻ ھجي ٿي، جن جي طاقت ۽ سھڪار سان ھو پنھنجي زندگي گذاري ٿو ۽ انهن اخلاقي ضرورتن جي مدد سان پنهنجي زندگي ۽ آخرت سڌاري پنهنجي ذات ۾ جسماني ۽ روحاني طرح مڪمل ھجڻ گھرجي ٿو، جيڪڏهن سوچ مثبت آهي ته ھر شيءِ ۾ مثبت پهلو ڳولي پاڻ ۽ ٻين جي لاءِ فائديمند ثابت ٿئي ٿو ته منفي پهلو ۽ سوچ رکڻ سان پاڻ منفي بڻجي ھر ھنڌ طاقت ۽ قوت ڏيکاري انسان ذات لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو،انھيءَ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان پاڻ کي صحيح ۽ مثبت رکي ھر ڳالهھ ۾ پاڪائي، اميد ۽ آس رکون، ٻين جي لاءِ مدد گار ثابت ٿيون، سندن واھر، ڏک ۽ اھنج لاھڻ جو سبب بڻجون، انھن مثبت پهلوئن کي سمجهڻ ۽ اپنائڻ لاءِ مثبت سوچ، حياءَ، ايمان ھڏ ڏوکي دل ھئڻ ضروري ھجي ٿي، جيئن انسانيت جو ڏک ۽ درد محسوس ڪري سگھي،

دنيا ۾ رھڻ لاءِ دنيا داري جي ضرورت پوي ٿي، يعني ھر رشتو نڀائجي ٿو، جنهن ۾ ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ ۽ اڳتي برادري ھجي ٿي، انھن دنيا جي رشتن ۾ نيڪ اولاد پڻ ھجي ٿي، انهن رشتن سان گڏوگڏ ھمدرد دوست ۽ رت جا سڀ رشتا پڻ دنيا ۾ ھلڻ ۽ زندگي گذارڻ کي سولو ۽ سھڻو ڪن ٿا،اھڙي طرح انسان جي ايمان ۾ حياءُ پاڪيزگي، سچائي ۽ عدل و انصاف پڻ ھجي ٿو، جن جي طاقت دل کي صحيح صاف ڪري ٿي، اھڙي طرح دل ۽ دماغ ۾ غور و فڪر ۽ سٺي ڳالھ جو ذڪر ۽ تڪليفن ۾ صبر ۽ حاصل ٿيل نعمتن لاءِ شڪر! اھي انسانيت واريون خوبيون آهن، جيڪي انسان جي ايمان واري خصلت ڪري ڌيرج پيدا ڪن ٿيون ۽ سندن تڪليفن ڪري کين ٻين جي تڪليفن جو احساس پڻ ھجي ٿو، اھو ئي انسانيت جو معراج آهي،

انسان جي اندر جي خاصيت ۾ علم ھڪ وڏي شيءِ آهي، جيڪو ان ۾ اخلاق، تقوا ۽ انسانيت جي خدمت پيدا ڪري ٿو، حياءُ ۽ پاڪيزگي صفائي سيکاري ٿي ۽ انسان جي اندر جيڪڏهن سچائي ۽ عدل پيدا ٿئي ته اھو انصاف ۽ انسانيت جي خدمت کي اوليت ڏئي ٿو، اھڙي طرح انسان پنهنجي دل ۾ بغض ۽ ساڙ رکڻ سان ۽ ٻين تي ذاتي تنقيد ۽ ناراض ٿيڻ سان اتم ھر گز نه ٿو ٿئي، اھي بد نيتي تي ٻڌل عمل آھن، جيڪي انسان کي بلڪل نه ٿا سونھن، ماءُ پيءُ جي نافرماني ۽ عبادت وقت دنيا وي ڪمن ۾ مصروفيت انسان جي دل کي سست ڪري ڇڏي ٿي، زندگيءَ ۾ جيڪي ڳالهيون فائدي مند آھن انھن ۾ اھي ڪم جيڪي دل کي خوش ڪن، روحاني سڪون ڏين اھي انسانيت جي خدمت وارا آھن، جيڪي انسان کي صحتمند بڻائين ٿا، چھرو پر رونق ڪري کيس سڪون ڏين ٿا، پنھنجي ڏکن کي ختم ڪرڻو ھجي ته ٻين جي مدد ڪري سندن ڏک ختم ڪيو، پنھنجون مشڪلاتون ختم ڪرڻ چاھيو ٿا ته پھرين ٻين جون مشڪلاتون ختم ڪيو، خوشي، رونق،سڪون، صحت، مصيبتن کان ڇوٽڪارو، برڪت ۽ ڏکن کان نجات چاھيو ٿا ته انسانن جي خدمت ۽ سندن مدد ڪريو، پاڻ به جيئو ته ٻين لاءِ به جيئڻ سکو ۽ جيئو، ٻين جي ڏکن کي ڏسڻ سان پنھنجا ڏک ختم ٿي ويندا، اوچائي ڀلي ڏسو پر ھيٺائين تي پڻ اک رکو، انسانيت ڏاڍي ڏکايل آهي،

ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ سان دنيا ۾ ڏک ۽ تڪليف گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي، پنهنجي لاءِ دعا ڪيو ۽ ٻين جون دعائون وٺو، ته زندگي سولي، سھڻي ۽ سڪون سان گذرندي، انسان جي زندگي ۾ ڪيترائي اھڙا پل اچن ٿا، جڏهن کين حالتن پٽاندڙ مصلحت ڪرڻي پوي ٿي، اھڙي صورتحال ۾ اھو سمجھڻ گھرجي ته ڪڏهن حالتن پٽاندڙ پاڻ کي ايڊجسٽ ڪرڻو آهي ۽ ڪڏهن حالتن کي پنهنجي پٽاندڙ ڪرڻو آهي، اھو نه ھجي ته ڪنهن کي موقعو ڏجي جو ھو جسماني، جذباتي، مالي، روحاني ۽ دماغي طور کيڏندي پنهنجي مقصدن ۽ غرضن موجب نقصان پھچائي، انھيءَ ڪري ماحول، حالتن ۽ صنفي ماڻھن کان بچڻ لاءِ پنھنجن فيصلن کي وقت ۽ حالتن مطابق بھتر نموني تيار رکجي، اھڙو ڪم ھرگز نه ڪجي جنهن ۾ اھو ثابت ڪندي ٿڪجي پئجي ته اسان جو طريقو غلط ھو پر ارادو نه ھو، انسان جي اخلاقيات وڏي خوبي آهي انھي ۾ رنگ، نسل، رت جو ڪو به عمل دخل نه آهي،انسان جو رويو ۽ اخلاق ھن کي ھڪ ٻئي کان منفرد ڏيکاري ٿو، اھو سڀ ڪجھه وڌيڪ نکري ٿو ڪلچر ۽ تعليم سان جڏهن ٻاھرين ملڪن جي ترقي جي اوج کي ڏٺو وڃي ته انھن جي ڪلچر کي ڏسجي ۽ سندن اصولن کي ۽ تعليم جي بھتر معيار کي سماج ۾فردن جي پرورش ۽ ترقي لاءِ حڪومت جو وڏو دخل ھجي ٿو، سوسائٽي لاءِ بھتر فرد تيار ڪرڻو آهي ته کيس سماجي طور اخلاق ۽ فضيلت سيکارڻي آهي،

جنهن لاءِ تعليم جي معيار کي بھتر ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ سڀ کان بھتر روزاني زندگي جو شيڊول ھجي ٿو، اسان غريب نه آھيون ڇو ته اسان وٽ سڀ ذريعا ۽ وسيلا آهن، اسان غريب آهيون ته پنھنجن روين ۾، جنهن جي ڪري سماجي طور انيڪ مسئلن ۽ براين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، انهن مسئلن ۽ براين جي خاتمي جي لاءِ اسان کي پنھنجا اصول ٺاھڻا پوندا، سوسائٽي ۾ سٺي فرد جي حيثيت سان اسان کي ھر ھر ڳالھ جيڪا سٺي آھي انھيءَ کي اختيار ڪري انھيءَ مان فائدو وٺڻو آهي، نه ڪجهه غلط ڪرڻو آهي نه ڪرڻ ڏيڻو آهي ۽ نه وري غلط ڪرڻ ڏينداسين، اھو لفظ ته سٺي ڳالھه ڪرڻي ۽ چوڻي آهي،خراب ڳالهه روڪڻي ۽ ختم ڪرڻي آهي، انھيءَ طرح اسان پنھنجي سماج ۾ سڌارو آڻي ان کي سٺو سھڻو ڪري سگهون ٿا،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.