مردن کان ٻار ڄڻائڻ جي تجربي کانپوءِ ٽرانس هيومن

دنيا جا سائنسدان هر روز هر پاسي کان ٽيڪنالاجي ۽ انسان کي طاقتور بڻائڻ لاءِ ڪا نه ڪا نه ڪرت جاري رکندا پيا اچن. مردن کي حمل ڪرائڻ واري تجربي جي ڪاميابي کانپوءِ هاڻ ٽرانس هيومن يا مختلف ڊي اي اين مليل انسان پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن

ٽرانس هيومن ڪيئن ٺاهيو ويندو ؟

ٽرانس هيومن ٺاهڻ لاءِ مختلف انسان جو ڊي اين کڻي ٻين ڊي اين سان ملائي هڪڙو اهڙو انسان پيدا ڪيو ويندو جيڪو طاقتور چالاڪ ڦڙتيلو سهڻو باز جيان ڊگهي نظر، ياداشت ڊگهي عمر  رکندڙ هجي

2015ع برطانيا ۾ هڪڙو اهڙو ڪامياب تجربو ڪيو ويو جنهن ۾ ٽن ماڻهن جي ڊي اين گڏائي هڪ ٻار پيدا ڪيو ويو

انساني ڊي اين اي مان ٻار پيدا ڪرڻ کانپوءِ سائنسدانن مختلف جانور هاٿي اٺ شينهن باز چيتي سميت مختلف خوبيون رکندڙ جانورن پکين جا ڊي اين اي گڏائي هڪ اهڙو انسان پيدا ڪرڻ پيا وڃن جنهن ۾ سڀني جانورن ۽ پکين جون خوبيون هجن

ٽرانس هيومن پيدا ڪرڻ ۾ اهڙيون دماغي تبديليون پڻ آنديون وينديون جنهن ۾ انسان پريشان يا اداس نه ٿئي، هميشه خوش رهي هزارين سالن تائين جي سگهي، دنيا جون ڪيتريون ئي ميڊيڪل يونيورسٽيون ان ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويون آهن آمريڪا جي ملٽري ادارو جيڪو پنهنجي فوج ۾ سپر هيومن شامل ڪرڻ ٿو چاهي

جيڪڏهن اهو تجربو ڪامياب ٿي ويو ته ايندڙ سئو سالن ۾ ٽرانس هيومن ۾ وڌارو اچي ويندو ۽ ٽرانس هيومن اڳيان فطري طور پيدا ٿيندڙ انسان ايئن هوندو جيئن اڄ جي انسان اڳيان ڀولڙا دنيا جا ڪيترائي انسان ان منصوبي جي مخالفت ڪندي چون ٿا ته ٽرانس هيومن تجربي ۽ عام انسان حالت جنگ ۾ آهن دنيا جي ماڻهن کي ان منصوبي جي مخالفت ڪندي ان منصوبي تي ٿيندڙ تجربا بند ڪرڻ گهرجن.

علي سومر ي جیي پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.