لاڙڪاڻي لڳ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، اي ايس پي ٻن پٽن سميت زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ويجهو مري چوڪ وٽ لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار ڪوچ جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو  جنهن جي نتيجي ۾ تعلقي ٿاڻي جو اي ايس آءِ شوڪت جتوئي سندس 2 پٽ 14 سالن جو ضامن علي ۽ 12 سالن جو علي مردان جتوئي سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي ڪوچ تحويل ۾ ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ بعد زخمين کي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي اي ايس آءِ جي وارثن ٻڌايو ته شوڪت علي جتوئي تعلقي ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندو آهي جنهن کي سندس پٽ تعلقي ٿاڻي ڇڏڻ لاءِ ويا ته مري چوڪ وٽ لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار ڪوچ جو سندن موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين اهڙو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

  • دريا خان مري لڳ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 2 زخمي

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ڀرسان چاناري اسٽاپ وٽ تيز رفتار 2 موٽر سائيڪلن م ٽڪر ٿي پيو موٽر سائيڪل سوارن  کي بچائيندي تيز رفتار وين جي اوچتو بريڪ لڳڻ سبب وين جي ڇت مٿان ويٺل مسافر پڻ ڪري زخمي ٿي پيو زخمي ٿيل موٽر سائيڪل سوار شيوا رام رامون ڀيل ۽ وين جي ڇت تان ڪري مسافر بخشل سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي علاج لاءِ  دريا خان مري اسپتال آندو ويو جتي زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏئي شيوا رام ۽ رامون ڀيل کي ڳڻتي جوڳي حالت ھجڻ سبب وڌيڪ علاج لاءِ نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

  • ڪنڌڪوٽ ويجهو ڪارنهن تڪرار تان حملو، 6 ڄڻا زخمي

ڪنڌڪوٽ ( ڊر ) ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد۾ ميراڻي برداري جو پراڻي  ڪارنهن تڪرار تان گلشير محلا ۾ گهرته حملو چيئن عورتن سميت 6ڄڻا زخمي حملي آورن جو کهلي عام ڏنڊن جو استعمال ڪنڌي سيما شھناز خاتون عطاء الله ظفرالله ميراڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو واقعي واري هنڌ پوليس پهچي ڪري زخمين کي اسپتال پهچايو ۽ ڪجه حملي آورن کي گرفتار ڪري ٿاڻي ته کڻي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.