ڪتاب ”پچارن پڙلاءُ“ تي هڪ نظر …!!

تحيري : عبدالواحد سومرو

ڪجهه مهينا پهرين ’لاحاصل Love‘ ليکڪ جو ڪهاڻين جو ڪتاب ڇپيو هيو. جنهن ۾ جاويد شيخ ڪهاڻيڪار جي طور تي سامهون آيو هُيو. اهو ڪتاب هن سال جي مارچ مهيني ۾ ڇپيو هيو. هي ٻيو ڪتاب ڊسمبر جي ئي مهيني ۾ پڌرو ٿي ويو آهي. پهريون ڪتاب ڪهاڻين جو ۽ هي ٻيو ڪتاب تبصرا، تجزيا اڀياس جي صورت ۾ پنهنجي پڙهندڙن/ پاٺڪن جي هٿن تائين پهتو آهي.

جاويد شيخ، جنهن جو تعلق تعليم تدريس سان آهي. ٻيو هي مسلسل لکندڙ آهي. ٽيون صاحب راءِ جو مالڪ به! هن نئين ڪتاب ’پچارن پڙلاءُ‘ ۾ پنهنجو انتهائي ڌيان گيان سان راءِ جو سٺي، سهڻي ۽ برجستي نموني سان ڏيندي ڪامياب نظر اچي ٿو. ان ۾ توازن بحال اٿس.

’پچارن پڙلاءُ‘ ۾ ليکڪ پنهنجي قلم سان ڇپيل ويهن ڪتابن تي تبصرا، تجزيا ۽ اڀياس ڏنا آهن. جنهن ۾ هن ڪارائتي نموني سان ويچار ونڊيا آهن.

هن ڪتاب ۾ پبلشر پنهنجي نوٽ ۾ لکي ٿو، ته ”جاويد شيخ جيئن ته بنيادي فڪشن جو ماڻهو آهي، هن شاعري به ڪئي آهي ته ڪهاڻيون به لکيون آهن. ان کان علاوه سندس هي پورهيو به ڪارائتو آهي. توڙي جو سندس وکون تحقيق واري پاسي تکڙيون نظر اچن ٿيون، هو مستقبل جو سگهارو محقق آهي.“

مهاڳ ۾ ڊاڪٽر شير لکي ٿو، ته ”جاويد شيخ صاحب اهو ڀلو ڪم، اهو ڪيو آهي جو چونڊ ويهن ڪتابن جو رِويو هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. جنهن کي پڙهڻ سان ڄڻ ته ويهن ئي ڪتاب جو جائزو وٺي ٿو ۽ انتهائي محتاط انداز سان پنهنجي راءِ سامهون رکي ٿو. نه ته هو ڪنهن جي تعريف جا واهَڙِ ٿو وهائي نه ڪوئي وري بيجا تنقيد ڪري ٿو. بلڪه هو وچون رستو اختيار ڪندي ڏاڍي شائستگيءَ سان ڪتاب جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو.“

ليکڪ پنهنجي پاران ۾ لکي ٿو ته، ”ادب سماج جي عڪاسي ڪندو آهي نه ڪي اديب جي ذاتي مفادن جو تحفظ ۽ پورائو. اهڙي تخليق جو ادبي سماجي ڪارج نٿو رهي، جنهن ۾ فنڪار جي اظهار ۾ حساسيت پاڻ ارپڻ، سچائي، مخلصي ۽ مايا جي عدم موهه وارو عنصر موجود نه آهي. ادب جو سماجي ڪارج تڏهن آهي جڏهن اهو تخليقي ادب ماڻهن جي مسيحائي ڪري. سندن سک، سلامتي، عزت آجپي ۽ خوشيءَ جا سندر سپنا ڏيکاري. آخر ۾ وري ورجائيندس ته ادب جو سماجي ڪارج رهيو آهي ۽ رهندو. پر اديب جو سماج سان Comitted هجڻ مشروط آهي.

ڪتاب تبصرن، تجزين تي آڌاريل آهي. هن ڪتابن تي نهايت سنجيدگيءَ سان عرق ريزيءَ سان چٽيو آهي. هنن تبصرن، تجزين ۽ اڀياس ۾ ليکڪ هڪ ذميوار، فرض شناس لکندڙ جي حيثيت ۾ انهن تي ويچار سان لکيو آهي. جڏهن ته ليکڪ ڊگهي وقت کان لکندو رهيو آهي. پر ڪتاب ۾ اجايو، ڪنهن غير ضروري ڪنهن جي ذات کي لوئڻ جي بجاءِ پنهنجو رايو چٽو ۽ کليل انداز ۾ ڏيندو ۽ لکندو آيو آهي. هن جيڪو جيترو سمجهيو آهي. ان ۾ پنهنجي راءِ ۾ خوبين سان گڏ خامين جو به تذڪرو ڪيو آهي.

مجموعي ۾ ڪنهن جي ساراهه ۾ ڍڪ ڀريا آهن نه ڪنهن کي غير ضروري تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

هن ڪتاب ۾ هيٺين ليکڪن جي ڪتابن تي لکيو آهي.

تاجل بيوس، انور پيرزادي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، گل حسن ڪلمتي، شبنم گل، انور ابڙي، محمد علي پٺاڻ، مظهر سيوهاڻي، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو، رئوف عباسي، عبدالواحد سومري، جبار تاثير، رحمت پيرزادي، انور ڪاڪا، سنڌو پيرزادو، رحمت سومري، آتش پنهيار، وحيد محسن ۽ عاجز عاشق تنيي جي ڪتابن تي تبصرا، تجزيا ۽ اڀياس موجود آهن.

انور پيرزادي جي ڪتاب ”متان وساريو“ ۾ هڪ ڳالهه کي چٽيو آهي، جيڪا ڳالهه ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾ پيش ڪئي آهي. پڙهندڙن جي لاءِ هتي پيش ڪجي ٿي.

” ….. جنرل ضياءَ جي دور حڪومت ۾ پاڪستان اندر ڪڻڪ جو بهترين لهڻ جي باوجود ڪڻڪ ٻاهران درآمد ڪئي وئي هئي جنهن بابت بعد ۾ خبر پئي ته سندس هڪ دوست جا بحري جهاز واندا بيٺا هئا جن کي روزگار سان لڳائڻ خاطر اربين رُپين جي ڪڻڪ ٻاهران گهرائي پاڪستان جي خزاني کي کاٽ هڻي ڪڍيائين.“

ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جو ڪتاب ماريا ميز ۽ لائبريري بابت ٻڌائي ٿو ته هي ڪهاڻي ڪتاب ٻاراڻي جي ٻي مزيدار ڪهاڻي ۽ ٽائيٽل ڪهاڻي به آهي. هيءَ ڪهاڻي ڪمال ڪاريگريءَ سان لکيل آهي. هيءَ ڪهاڻي پڙهڻ سان ٻارن اندر ڪتاب پڙهڻ جو شوق جاڳائي سگهجي ٿو. ۽ گڏوگڏ گهر کي لائبريري ۾ به تبديل ڪري سگهي ٿو.

وڌيڪ ليکڪ راءِ ڏيندي چوي ٿو، ته ”بهرحال ماريا ميز ۽ لائبرري ڪهاڻيءَ جو ڪتاب سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ پنهنجي منفرد جاءِ والاريندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته وقت جي نقاد کي هنن ڪهاڻين ۾ نقص ملي پوي. پر تنقيد براءِ اصطلاح تحت جي هن جي سموريون ڪهاڻيون ٻارڙن واري نازڪ دل ۽ پاڪيزه دماغ رکي پڙهيون ته پوءِ آئون يقين سان چوان ٿو ته کيس خاصي تعريف ڪرڻي پوندي.

مجموعي طور تي ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي. جنهن ۾ ويهن ڪتابن جو نچوڙ، خوبيون تن جو خوبصورتيءَ سان جائزو ورتو ويو آهي ته ٻئي پاسي ليکڪ کي جتي جتي تنقيدي شيون نظر آيون آهن، انهن تي ٿڌي انداز ۾ پنهنجي راءِ به ڏيندو ويو آهي.

’پچارن پڙلاءُ ‘ هڪ ڪتاب نه پر هڪ هڪ مختصر دستاويز بڻجي پيو آهي. جنهن ۾ هڪ ئي وقت تي هڪ ئي ڪتاب ۾ سينيئر توڙي جونيئر ليکڪن جي ڪتابن کي چونڊي ليکڪ ٻين پڙهندڙن تائين پهچايو آهي.

’پچارن پڙلاءُ ‘ هڪ هڪ گل چونڊي گلدستو بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن ۾ هر گل جي پنهنجي پنهنجي خوشبوءِ ته آهي پر هن گلدستي جي خوشبوءِ سڄي گهر ۽ ماحول کي معطر بڻائي ڇڏي ٿي. ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي. شيلف ۾ رکڻ جهڙو آهي. هڪ يادگار تحفو آهي، جيڪو ليکڪ سال جي آخر ۾ پڙهندڙن جي لاءِ پيار سان پيش ڪيو آهي ته جيئن پڙهندڙ سرديءَ ۾ چانهه ۽ ڪافي پيئندي سرور مهيا ضرور ڪيو آهي.

**

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.