ڀاڻ جي کوٽ ۽ سنڌ جو معاشي قتل

سنڌ ۾ ڳچ عرصي کان يوريا (ڀاڻ )جي کوٽ بابت شڪايتون ۽ دانهون اچي رهيون آهن پر سرڪار اڃان تائين ڪي به اهڙا قدم نه کنيا آهن جنهن مان اهو احساس پيدا ٿئي ته ڀاڻ جي ان کوٽ جي اصل سببن کي ڳوليو ويندو يا وري انهن سببن جي پاڙ پٽڻ جي لاءِ ڪي عملي قدم کنيا ويندا.

سرڪار جي اهڙي سرد مهري جي ڪري سنڌ جي زراعت سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۾ ڏينهون ڏينهن بي چيني وڌي رهي آهي. ننڍا وڏا زميندار توڙي آبادگار ۽ هاري ناري سڀ پريشاني ۾ وٺجي ويا آهن.

سنڌ جو ڪو به اهڙو علائقو نه آهي جتان يوريا  المعروف ولائتي ڀاڻ جي کوٽ جون شڪايتون يا دانهون نه اينديون هجن، سُڌ سماءُ جي ذريعن ۾اهڙيون خبرون ڇانيل آهن،سنڌ جي هر علائقي ۾ ڀاڻ جي نه هئڻ يا ڀاڻ جي مهانگي اگهه تي وڪرو ٿيڻ  يا وري مورڳو ڀاڻ جي مارڪيٽ ۾ موجود نه هئڻ بابت دانهون اچي رهيون آهن.

سنڌ جي متاثرن پاران سموري سنڌ ۾ جتي جتي انهن جو وس پهچي ٿو اتي اتي احتجاج ڪيو پيو وڃي، هاري ۽ آبادگار مقامي شهرن، اهم روڊن رستن تي ڌرڻا به هڻي رهيا آهن، اهڙي احتجاج سان هو سرڪار جو ڌيان ڇڪرائڻ جي ڪوشش پيا ڪن پر سرڪار هنن جي ڪا به ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ تيار نه آهي.

خميس واري ڏينهن نوابشاهه شهر ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ، ذخيره اندوزي ۽ بليڪ تي وڪري  ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ گروئرس تنظيم  ، سنڌ ترقي پسند پارٽي.انسان دوست ويلفيئر ايسو سي ايشن جي ڪارڪنن ۽  ننڍن آباد گارن نوابشاھ پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاھروڪيو، جنهن بعد  روڊ تي ڌرڻو ھنيو. جنهڪري ٻن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل ٿي وئي .مظاھرو ڪندڙن  جو چوڻ هو ته اهڙي کوٽ ڪري سنڌ جي ننڍن آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي، انهن مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته  يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ختم ڪري  زراعت کاتي جي عملدار نکي فوري طور عھدي تان ھٽايو  وڃي ان دوران متاثرن جو چوڻ هو ته  پاڪستان کي سنڌ صوبو ھلائي ٿو ، روينيو ھجي يا زرعي جنسون سنڌ ئي ملڪ کي پالي ٿي ۽ سنڌ جي ننڍي آبادگارن سان سدائين ويساھ گھاتي ۽ ظلم ڪيو وڃي ٿو .

هنن جو چوڻ هو ته ھن وقت يوريا ڀاڻ جو سرڪاري اگھه 1768 روپيا آھن پر سڄي ۾ 2700 ۽ 2800 جي اگھه تي ملي رهيو آهي،  ٻيڻي قيمت ننڍي آبادگار لاءِ ادا ڪرڻ ناممڪن آھي.

ھنن چيو ته  زراعت کاتي جا ڪامورا ، وڏا زميندار ۽ ڊيلر پاڻ ۾ٻِٽ بڻيل آھن.  ننڍي ۽ غريب آبادگار جو استحصال ڪيو پيو وڃي،

ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ به  يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ خلاف پ پ پ شھيد ڀٽو طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي ، پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،،ان موقعي تي اڳواڻن  چيو ته قمبر ۾ ڀاڻ مافياھٿرادو کوٽ ڪري ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪري رھي آھي. هنن جو چوڻ هو ته  ڀاڻ جي کوٽ ڄاڻائي ھارين ۽ آبادگارن  جي چيلهه چٻي ڪئي وئي .هنن جو چوڻ هو ته  کوٽ پيدا ڪري  ڀاڻ مھانگو وڪرو ڪيو پيو وڃي احتجاج ڪندڙن جو اهو به چوڻ هو ته  کين واپارين اعتراف ڪندي ٻڌايو آهي  ته قمبر انتظاميا اجازت ڏئي ته چويھن  ڪلاڪن اندر ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪري سگھون ٿا

ميرپور ساڪري ۾ به  سوين آبادگارن مين ساڪرو گھارو روڊ تي ڌرڻو هنيو، مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته  ڀاڻ  ميرپور ساڪري جي واپارين وٽ موجود آهي  پر ھو بليڪ تي  وڪرو پيا ڪن .اهي هڪ ٻور ي تي ھڪ ھزار روپيا وڌيڪ وڪرو ڪري رھيا آهن

جنهن انداز ۾ سموري سنڌ مان ڀاڻ جي کوٽ جون شڪايتون ملي رهيون آهن،  ان مان هن مسئلي جي سنگين هئڻ جي نشاندهي ٿئي ٿي.

سنڌ هڪ زرعي صوبو آهي، جتي جي معيشت زراعت تي ڀاڙي ٿي، جڏهن فصل لهن ٿا تڏهن ئي سنڌ جو عام ماڻهون يا هاري ناري پنهنجا معاملا اڪلائي سگهي ٿو،سنڌ جي اڪثر ماڻهن جون خوشيون غميون پڻ زرعي اُپت ۽ آبادي جي لهڻ سان ڳنڍيل آهن، ان ڪري سنڌ سرڪار کي ته هن پاسي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي، ان معاملي کي حل ڪرڻ جي لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن،

سنڌ جي متاثر آبادگارن جو چوڻ آهي ته اهو سڌو سنئون انتظامي معاملو آهي، ڪيترن ئي هنڌن تي گدامن ۾ ڀاڻ موجود آهي پر اهو ڀاڻ به آبادگارن کي بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي. انهن جو اهو به چوڻ آهي ته باثر ڌريون، وڏيرا،زراعت کاتي توڙي ضلعي انتظاميه جا آفيسر اهڙ ي عمل ۾ شامل آهن، متاثرن اهي به دانهون ڪيو ن آهن ته هاڻي هنن کي جيڪو في ايڪڙ تي خرچ ڪرڻو پوي ٿو ان اعتبار سان في ايڪڙ اُپت مان هنن کي ڪا گهڻي بچت نٿي ٿئي.

ڀاڻ جي کوٽ ڪا رات وچ م پيدا نه ٿي هوندي، ان جي پٺيان يقينن ڪا مافيا ئي آهي جنهن ايتري منظم طريقي سان اهو ڪم ڪيو آهي جنهن کي  سرڪار به منهن ڏيڻ کان لاچار آهي. اهڙي مافيا جي پير کوڙڻ بابت  ضرور هر علائقي جي  مقامي انتظاميه با خبر  هوندي ، ايئن ممڪن ئي نه اهي جو انتظاميه کي ڪا به خبر نه هجي.

اسان کي هتي گذارش اها ڪرڻي آهي ته هن سنگين نوعيت جي مسئلي کي ايترو ئي سنگين سمجهي ان جي حل لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيو وڃي. سنڌ جي هڪ وڏي اڪثريت جي مسئلي کي اهڙي بي رحمي سان نظرانداز ڪرڻ جو مطلب ته اهو ٿو نڪري  ته مافيا سرڪار کان وڌيڪ مضبوط آهي يا وري انتظاميه اهڙي مافيا کي  پاڻ هٿ سان مضبوط ڪيو آهي، ٻنهي صورتن ۾ ننڍن آبادگارن ۽ هارين جو وڏو معاشي قتلام ٿي رهيو آهي.

جيڪا سرڪار عوام جي ووٽن سان آئي آهي، جيڪا عوام جي نمائنده هئڻ جي دعويدار به آهي اها هن اهم معاملي ۾ عام ماڻهونءَ عام هاريءَ کي اڪيلو ڪري ڇڏي ٿي ڏئي ته پوءِ عوام  جي اندر ۾ وڌيڪ مايوسي پکڙجندي جنهن سبب مستقبل ۾ هر قسم جو  نقصان ئي ٿيندو. جنهن سان عام ماڻهوءَ جو اعتماد به سرڪار تان  کڄي ويندو. انڪري سرڪار کي هن  مسئلي کي سچائي، سان حل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قسم قدم کڻن گهرجن.

 

 

 

 

 

.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.