سگا جي گولڊن جوبلي ۽ 41 هون ڪنوينشن

تحيري: علي محمد ميمڻ

ملڪ جي ساڃهه وندن ۽ سماجي خدمتگارن لاءِ اها تمام وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن پنهنجي اوائلي تاريخي دستاويز موجب، 6 اپريل 1971ع تي سنڌ جي پنجن اهم شخصيتن ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، شمشير الحيدري، مراد علي جوڻيجو، سائين بخش عباسي ۽ حاڪم علي ڀٽو جي ڪيفي نيويارڪ، صدر ڪراچي ۾ٿيل اجلاس ۾ قائم ڪئي وئي. ملڪ جي سماجي رضاڪارن جو هي سڀ کان وڏو ادارو پنهنجين خدمتن جي 50 هين، گولڊن جوبلي سال ۾ داخل ٿي رهيو آهي. سموري سنڌي قوم ۽ سنڌ واسين لاءِ پڻ اها سرهائي واري ڳالهه آهي ته، نئين سال 2022ع  ۾سگا جي اڌ صدي واري عمر وارو گولڊن جوبلي سال شروع ٿي رهيو آهي ۽ نئين سال کي سگا جي گولڊن جوبلي سال طور ملهائڻ لاءِ تقريبون شروع ٿيڻ وڃي رهيون آهن، يقينن، سگا، سنڌ جي سڀ کان قديم ، متحرڪ ۽ متحد تنظيم جي حيثيت،  مڃتا ۽ اعزاز حاصل ڪيو آهي. اهو مقام ۽ مڃتا يقيني طور تي سموري  ملڪ جي سماجي رضاڪارن ، سماج سڌارڪ ادارن ۽ سماجي، فڪري ۽ سياسي ڪارڪنن ۽ جماعتن لاءِ پڻ هڪ مثال آهي. هن اداري جي سماجي جدوجهد جي ڊگهي مدت ۽ نسل در نسل اهو ثابت ڪيو  آهي ته، حالتون ڪهڙيون به هجن پر جيڪڏهن مقصد پنهنجي عوام جي خدمت ڪرڻ آهي ته پوءِ ثابت قدمي سان ڪيئن ساٿ کي سهيڙي ۽ متحد رکي قوم جي سماجي طاقت بڻجي سگهجي ٿو.  ان حوالي سان سگا  جي اتحاد ۽ خدمتن کي مثال بڻائي سگهجي ٿو. اهڙي ريت، سگا جي گولڊن جوبلي سال ۾ سگا جي خدمتن جي اها شاندار ۽ مثالي تاريخ پڻ   رقم ٿي رهي آهي.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پنهنجي اڌ صديءَ جي سماجي جدوجهد واري ميراث سان گولڊن جوبلي سال  ۾داخل ٿيڻ وڃي رهي آهي. هن اداري پنهنجي تاريخي ۽ جمهوري جدوجهد جي حوالي سان زندگيءَ  ۾ مختلف ۾ مثال قائم ڪرڻ کان علاوهه ملڪ جي جمهوري سرشتي لاءِ پڻ تمام اهم ۽ قيمتي مثال قائم ڪيا آهن. جنهن موجب، سگا جي 41هين ڪنوينشن جو ٻن ڏينهن وارو وڏو ميڙاڪو اڄ 25  کان 26 ڊسمبر  2021پبلڪ اسڪول گڏاپ، ڪراچي ۾منعقد ٿي رهيو آهي، هن موقعي تي سگا جي مرڪزي قيادت جي ايندڙ ٽن سالن 2024- 2022   جي مدي لاءِ چونڊون پڻ ٿيڻ وڃي رهيون آهن. هن  اهم موقعي تي جتي هر هڪ عهدي تي اميدوار هڪ ٻئي جو زور و شور سان مقابلو ڪري رهيا آهن.

اهڙي وقت ۾ هڪ اهڙو مثال به قائم ٿيو ته قيادت جي وڏي ۾وڏي عهدي چيئرمين، چيئرپرسن جي سينئر قيادت جي عهدي لاءِ ٻن اميدوارن رفيق احمد جعفري چيرمين سگا ۽ سگا جي سينئر اڳواڻ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ابتدائي طور تي اميدوار هئا پر انهن شخصيتن هڪٻئي جي خلاف نه صرف پنهنجي اليڪشن مهم نه هلائي پر  پاڻ مرادو هڪٻئي جي حق ۾ دستبردار  ٿيڻ جي روايت قائم ڪئي. اهڙي ريت، اتفاق راءِ سان ميڊم مهتاب اڪبر راشدي کي سگا جو متفقه طور چيئر پرسن چونڊيو ويو. يقينن،  سينئر ۽ ذميوار قيادت جي ان عمل هڪ پاسي سنڌ صوبي ۽ سموري ملڪ لاءِ جمهوري روايتن جو هڪ شاندار مثال پڻ قائم ڪيو آهي ته انهي سان گڏ اهو مانائتو فيصلو سگا جهڙي سماجي اداري جي سچائي ۽ خلوص جو اهڃاڻ بڻيو آهي .

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي گذريل لڳ ڀڳ اڌ صديءَ جي ڪارڪردگي ۽ حاصلات جو جيڪڏهن ٿلهي ليکي پوتا ميل ڪجي ۽ جائزو وٺجي ته، قوم جو ڪنڌ فخر سان ضرور اوچو ٿي وڃي ٿو. سگا، سنڌ جي ماڻهن ۾ سماجي جاڳرتا پيدا ڪرڻ، سماجي ڀلائي۽ صوبي جي ٻهراڙين ۽ پٺتي پيل علائقن  ۾ امدادي ڪمن، مفت ميڊيڪل ڪئپمن ۽ مختلف بيمارين جي مفت علاج جا انتظام ڪرڻ ۾ لڳاتار مصروف عمل آهي. سگا جون  سنڌ صوبي ۽ ملڪ جي لڳ ڀڳ 100 شهرن  ۾ شاخون قائم آهن ۽ هزارين رضاڪار لڳاتار سماجي، علمي ۽ جاڳرتا واريون بي لوث ۽ مثالي خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن.. اهڙي ريت، سگا جون تعليم ، صحت ۽ ثقافتي ۽ علمي سرگرمين ۾ لڳاتار واڌارو ٿي رهيو آهي.  سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ هن وقت 22 روشن تارا اسڪول ۽ ڪراچي جي ٻهراڙين  واري مرڪز گڏاپ سٽي ۾سنڌ جو وڏو تعليمي ادارو گڏاپ ۾ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان قائم آهي، جيڪو سگا تي هڪ اعتماد جو اهڃاڻ آهي.    اها ڳالهه يقينن فخر جو پڻ سبب آهي ته، سنڌ جي سمورين ڊويزنن ۾ موجود روشن تارا اسڪول نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل اسڪول ۽ پبلڪ اسڪول گڏاپ صوبي جي سمورن تعليمي ۽ امتحاني بورڊز  ۾ مثالي ڪاميابيون حاصل ڪري رهيا آهن ۽ هنن تعليمي ادارن مان سوڀارا ٿي ويندڙ نوجوان ۽ نياڻيون پنهنجي عملي زندگين ۽ سماج ۾پڻ ڪامياب ٿي رهيا آهن. گذريل سالن ۾سموري دنيا ۾ پيدا ٿيل ڪورونا وبا ۽ ٻين وبائي مرضن ، بدحالي ۽ مشڪلاتن واري انهي دور ۾ جڏهن سموري دنيا مفلوج نظر آئي، انهيءَ وقت ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيا ته  اهڙي آزمائش ۾ سگا جي شاخن ۽ هزارين رضاڪارن، پنهنجي قوم ۽ انهن جي خاندان سان هر ڏک سک ۾ شريڪ رهيا ۽ پاڻمرادو پنهنجي هڙان وڙان توڙي سرندي وارن کي پاڻ سان شامل ڪري انهي ڪم ۾ ڪروڙين رپين جو کاڌي خوراڪ جو سامان، ضرورتمند ماڻهن جي دروازن تائين پهچايو . انهي سموري عمل ۾ ڪنهن به سرڪاري يا غير سرڪاري ڊونر کان مدد حاصل نه ڪئي ۽ پاڻ اهو عظيم ڪارنامو انجام ڏنو، جنهن لاءِ يقينن، سموري سگا قيادت، شاخون ۽ سمورا رضاڪار جس لهڻن.

سگا جو 41هون  ڪنوينشن اڄ کان پبلڪ اسڪول گڏاپ، ڪراچي ۾منعقد ٿي رهيو آهي،جنهن ۾ سموري ملڪ کان لڳ ڀڳ هڪ سئو شاخون ۽ سگا شاخن جي قيادت پنهنجي وفدن جي صورت ۾شريڪ ٿي رهيا آهن. ڪنوينشن جي پهرين ڏينهن، افتتاحي اجلاس چيئرمين رفيق احمد جعفري جي صدارت ۾ منعقد ٿيندو،  جنهن ۾اداري جي 50 سالن جي سفر تي روشني وڌي ويندي ۽ سگا جي تاريخ ۽ تاريخي جدوجهد بابت دستاويز پيش ڪيا ويندا ۽ دستاويزي ڊاڪيومينٽري پڻ پيش ڪئي ويندي.ايوان ۾سگا جي باني قيادت کي مڃتا ۽ لاڏاڻو ڪري ويل قيادت ۽ اڳواڻن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.  اداري جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ خالد حسين چنا سيڪريٽري جنرل سگا طرفان  ۽ مالياتي رپورٽ  نور محمد سيال سيڪريٽري ماليات طرفان پيش ڪئي ويندي. هن موقعي تي سگا جي ايندڙ ٽن سالن 2024- 2022   جي مدي لاءِ اداري جي مرڪزي قيادت جون چونڊون ۽ مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبرن سميت 48 اميدوارن  جون چونڊون مرڪزي اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ڏڻي بخش اوٺو ايڊووڪيٽ جي نگراني ۾ٿيڻ وڃي رهيون آهن.

سگا جي چيئر پرسن کان علاوه سيڪريٽري عورتن جي ڀلائي واري عهدي تي ميڊم صبيحه شبنم پڻ بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪي آهي. هاڻي باقي 48 عهدن ۾ وائيس چيرمين، سيڪريٽري جنرل، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل، سيڪريٽري ماليات، سيڪريٽري اطلاعات، سيڪريٽري صحت، سيڪريٽري تعليم، سيڪريٽري ثقافت جي عهدن ۽ ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي عهدن تي اميدوارن ۾مقابلا ٿيڻ وڃي رهيا آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.