برطانوي قانوني تاريخ جو وڏو ڪيس

تحيري: محمد مدثر چانڊيو

دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم ۽ سندس زال شهزادي حيا وچ ۾ طلاق واري ڪيس کي برطانوي قانوني تاريخ جو سڀ کان وڏو ڪيس قرار ڏنو ويو آهي، اهو فيصلو ڪجھ سال اڳ برطانوي ڪورٽ ۾ هلي رهيو هو جنهن جو نتيجو هن وقت سامهون به اچي چڪو آهي، ۽ ميڊيا تي ان فيصلي بابت خبرون گردش به ڪري رهيون آهن. برطانوي هاءِ ڪورٽ واضع طور تي طلاق وارو فيصلو ٻڌايو آهي ته شيخ محمد المڪتوم 55 ڪروڙ پاؤنڊ ادا ڪندو

شهزادي حيا ڪير آهي ۽ اصل ڪهڙي ملڪ سان هن جو تعلق آهي ؟

شهزادي حيا مئي 1974ع ۾ پيدا ٿي. هن جو پيءُ اردن جو بادشاھ شاهه حسين هو ۽ هن جي ماءُ راڻي عاليه حسين هئي ۽ هوءَ صرف ٽن سالن جي مس هئي ته هن جي ماءُ ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ مارجي وئي هئي. ياد رهي ته هن آڪسفورڊ يونيورسٽي مان سياست، اقتصاديات ۽ فلسفو (پي پي اي) ۾ عام ڊگري حاصل ڪرڻ کان اڳ برسٽل جي بيڊمنٽن اسڪول ۽ ڊورسٽ ۾ برائنسٽن اسڪول ۾ پڙهي، هوءَ دنيا جي مختلف ڪيٽيگر ۾ دلچسپي رکندڙ آهي. هن اڳ ۾ هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته هوءَ عقاب کي پالڻ، شوٽنگ ۽ ڳري مشينري ۾ لطف اندوز ٿيندڙ وڌيڪ دلچسپي رکندڙ آهي، هوءَ اردن ۾ اڪيلي عورت هجڻ جي دعويٰ به ڪري ٿي جنهن وٽ هڪ ڳري ٽرڪ هلائڻ جو لائسنس پڻ موجود آهي. هن جوانيءَ ۾ ئي گهوڙي سواري شروع ڪئي ۽ جلد ئي راندين ۾ دلچسپي پيدا ڪري ڇڏي ۽ هڪ پروفيشن  رانديگر جي حيثيت سان گهوڙي سواري اختيار ڪئي. هن جي گهوڙي سوار ڪيريئر جو سڀ کان اهم لمحو اهو هو جڏهن هن سن 2000ع ۾ سڊني اولمپڪس ۾ اردن جي نمائندگي ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ جو جهنڊو بلند رکيو هو

شهزادي حيا جي 10 اپريل 2004ع تي، 30 سالن جي عمر ۾، گڏيل امارات جي دبئي جي حڪمران شيخ محمد سان شادي ٿي هئي. شهزادي حيا سندس ڇهين زال هئي. ذريعن موجب کيس مختلف زالن مان 23 ٻار آهن. لحاظه حيا وانگر شيخ محمد به گهوڙن جو شوق رکندڙ آهي، ۽ هو هڪ گهوڙا ريسنگ اسٽيبل جو باني ۽ مالڪ پڻ آهي جنهن کي انگلش ۾ Goodolphin سڏيو ويندو آهي. ياد رهي ته جوڙي جي عمان ۾ شادي ٿي هئي، ۽ حيا شاديءَ کانپوءِ هڪ مثالي خاندان کي ظاهر ڪيو، عوامي طور تي شيخ محمد بابت ڏاڍي جذباتي ۽ پيار واري انداز ۾ ڳالهائيندي هئي هن جو ان وقت چوڻ هوندو هو ته "مان هر روز هن جي ڪم کان حيران آهيان،” هن 2016 ۾ متحده عرب  امارات عورتن جي ميگزين کي ٻڌايو ته، مان خدا جو شڪر ادا ڪريان ٿي ته منهنجي سٺي قسمت جو هر روز انهن جي ويجهو رهي ٿي، ۽ هوءَ نرم گفتار سان نهايت ئي نرم انداز سان ڳالھيون ڪندي رهندي هئي. ته پوءِ آخر اهڙو اچانڪ ڇا ٿي ويو ڪهڙا پيار جي وچ ۾ ڏار پئجي ويا جو هوءَ روپوش ٿي ڪري لنڊن هلي وئي

ڳالهھ صرف اتي دنگ نٿي ڪري ته حيا روپوش ٿي وئي ، ذريعن موجب، شيخه لطيفه شيخ محمد جي ڌيئرن مان هڪ ڌيءَ آهي، جنهن هن ملڪ مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي. سڄي دنيا ۾ جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ 33 سالن جي شهزادي دعويٰ ڪئي هئي ته سندس خاندان وٽ ”ڪوبه اختيار“ نه هو ۽ مٿس تشدد ڪيو ويو، تڏهن هُن روپوش ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. شيخه لطيفه شايد فرانسيسي مدد سان يو اي اي مان سمنڊ ذريعي فرار ٿي وئي هئي پر هندستان جي سامونڊي ڪناري کان هٿياربندن کيس پڪڙيو ۽ واپس دبئي موڪليو هو. البته اهو بيحد پراسر واقعو هو جنهن تي سڄي دنيا جي ميڊيا چڱيءَ ريت تبصرا ڪيا هئا.  

شهزادي حيا شروعاتي طور تي جرمني ۾ پناھ ورتي هئي، چيو وڃي ٿو ته هوءَ سينٽرل لنڊن جي ڪينسنگٽن پيلس گارڊن ۾ 85 ملين رپين جي گهر ۾ رهي ٿي  ۽ اتي ئي هن  هاءِ ڪورٽ ۾ قانوني جنگ جي تياري ڪئي، خابرو ادارن موجب ان وقت حيا جي جان کي به خطرو هو ۽ هن کي اتان اغوا جو پڻ خدشو هيو ۽ هوءَ  ڪڏهن به دبئي واپس اچي سگهي پئي، اهو ممڪن هو، ڇو ته  متحده عرب امارات ۽ انگلينڊ جا گهرا لاڳاپا آهن، پر ان وقت شهزادي حيا ڪورٽ ۾ ڪيس ڪري چڪي هئي ۽ ڪورٽ سڳوري به ڪيس بابت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو

برطانيه جي هاءِ  ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ هن وقت حيا کي لکين پائونڊ مهيا ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن ٻين ملڪيتن جي انتظام جي قيمت کي پورو ڪري سگهجي. انهن مان هڪ ملڪيت لنڊن جي ڪينسنگٽن پيلس ۾ آهي، جڏهن ته ٻي سندن مکيه رهائش گاھ سري ڪائونٽي جي هڪ شهر ايگم ۾ آهي. عدالت شهزادي جي حفاظت لاءِ وڏي رقم رکي آهي. ان کان علاوه دبئي سندس موڪلن جا خرچ،  ملازمن جي پگهار،  نرسن سميت ٻين پگهارون ۽ شهزادي جي گهر ۾ رهندڙ پالتو جانورن جي ادائيگي جي ذميواري شيخ تي عائد ڪئي وئي آهي. عدالت، شيخ محمد جي ٻن ٻارن، هڪ 14 سالن جي ڌيءَ ۽ هڪ 9 سالن جي پٽ کي هر سال 5.6 ملين ڊالر ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت 29 ڪروڙ 90 لک رپين جي ضمانت جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

بي بي سي جي خبر موجب، هاءِ ڪورٽ ان تحت فيصلو ڏنو ته شيخ محمد غيرقانوني طور تي شهزادي حيا، سندس محافظن ۽ سندس قانوني ٽيم جا موبائيل فون هيڪ ڪيا، جنهن ۾ ٽوري پارٽي جي بارونس شيڪلٽن جو فون به شامل آهي. هيڪنگ پيگاسس نالي هڪ بدنام اسپائي ويئر استعمال ڪئي وئي، جيڪو هيڪ ٿيل فونز کي ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ اسرائيلي فرم NSO گروپ پاران تيار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته شيخ محمد چيو ته سندس قبضي ۾ ڪو به هيڪ ٿيل مواد نه هو ۽ نه ئي سندس ظاهري يا ڳجهي اداري طرفان ڪا به نگراني ڪئي وئي هئي. بهرحال، برطانيه ۾ هاءِ ڪورٽ جي خانداني ڊويزن جي صدر پنهنجي فيصلي ۾ مختلف راءِ  ڏني. طلاق جي فرمان ۾، مسٽر جسٽس مور چيو ته شهزادي ۽ هن جا ٻه ٻار خاص طور تي خطرناڪ صورتحال ۾ هئا، اڳوڻي فيصلي جي ڪري. هن چيو ته هن کي برطانيه ۾ سخت سيڪيورٽي جي ضرورت آهي ته جيئن هن جي مسلسل حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي.

هوڏانهن دبئي جي حڪمران شيخ محمد جو بيان سامهون آيو آهي. هن  چيو ته سندس اڳوڻي زال کي ڏنل خانداني تحفا کيس موڪليا ويندا. انهن ۾ هي شامل آهن ”بيلٽ ڊانس جا بوٽ“ جيڪي کيس دنيا جي مشهور ڊانسرز ڊيم مارگٽ فونٽين ۽ روڊولف نوريوف پاران ڏنل آهن. شيخ محمد اهو به چيو ته هن آن لائين نظم کي هٽائي ڇڏيو آهي جنهن کي شهزادي پنهنجي زندگي لاءِ خطرو قرار ڏنو هو. هن چيو ته شهزادي کي نقصان پهچائڻ جو ڪو به ارادو ناهي، ۽ ڪورٽ سڳوري جي فيصلي کانپوءِ اهي شيون ڏڻيون پونديون جيڪي هن کي شادي ۾ تحفي ۾ مليون هيون.

هي فيصلو تمام گهڻو گهرو اثر رکندڙ آهي جنهن ۾ نه صرف برطانيه پاران چيو ويو آهي ته هي فيصلو قانوني تاريخ ۾ تمام اهم ڪيس ثابت ٿيو آهي پر دنيا ليول تائين هي فيصلو زيرِ بحث بڻيل آهي. ياد رهي ته هي طلاق وارو فيصلو چئن سالن کان وٺي شهزادي حيا ۽ دبئي حڪمران شيخ محمد المڪتوم جي وچ ۾  هلندڙ هو جنهن جو فيصلو اڱاري جي ڏينهن تي برطانوي عدالت پاران واضع طور تي ٻڌايو ڇڏيو آهي ۽ قانوني تاريخ ۾ سڀ کان وڏو ڪيس قرار ڏنو ويو آهي

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.