ڪاروبار جي رُخ چڙھيل سياست: پوءِ تبديلي ڪيئن ايندي؟

تحيري؛ صنوبر خاصخيلي

پاڪستان ۾ صوبائي اسيمبلي ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهھ ناھي، رڳو، وڌ ۾ وڌ اميدوار وٽ ٻن ٽن ڪروڙن جو سرمايو ھجڻ ضروري آھي.جيڪڏھن ھُو اليڪشن ۾ حصو وٺي حڪومت جو حصو ٿي وڃي ٿو ته پنھنجي سيڙپ ڪيل ڪُل رقم منافعي سميت وصول ڪندو آھ، ۽ ان کي ڪوبه فرق ناھي پوندو ڀلي کڻي ملڪي خزاني کي نقصان پھچندو رھي.ٻئي طرف حڪومت جو حصو ٿيڻ سبب نه ته ان تي ڪو قانون لاڳو ٿيندو آھي ۽ نه ئي اُھو ڪنھن ضابطي جو پابند ھوندو آھي.

اسان جو سياسي نظام ان وقت تائين ٺيڪ نٿو ٿي سگھي جيستائين پاڪستان جي سياست ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن جي موروثيت کي سياست بدر نٿو ڪيو وڃي. پاڪستان ۾ سياست ۽ ڪرپشن جو گھرو رشتو آھي. ملڪ ۾ جمھوريت ھجي يا آمريت حڪمران ٻنھي ھٿن سان ملڪي دولت کي لُٽي قومي خزاني کي سدائين نقصان پھچايو آھي.انھن سياستدانن ڪروڙين روپيا قرض جي روپ ۾ وٺي نه صرف پاڻ عياشيون ڪيون آهن پر پنھنجن مائٽن جو به پيٽ ڀريو آھي.

اڳوڻي صدر پرويز مشرف پنھنجي دور حڪومت ۾ پنھنجي رفيقن جي قربت حاصل ڪرڻ لاءِ اين آر او جي نالي تي ھڪ اھڙو آرڊيننس پاس ڪيو جنھن جي مدد سان سياستدانن ۽ صنعتڪارن جا ڪروڙين روپين جا قرض معاف ٿي ويا، انھن سياستدانن ۽ صنعتڪارن کي ان ڳالهھ جو شايد علم نه ھيو ته ھو ھڪ نه ھڪ ڏينھن قانون جي گرفت ۾ ضرور ايندا.

اڄ پاڪستان ۾ 3 نومبر واري عدليه نه پر ھر پاڪستاني کي انصاف مھيا ڪرڻ واري عدليه قائم آھي، ۽ جنھن شخص به قومي خزانو لُٽيو آھي ان کي قوم جي سامھون جوابده ٿيڻو پوندو.

28 نومبر 2009 جو ڏينھن اين آر او مان فائدو وٺڻ وارن جي لاءِ ڪنھن ڊيڄاريندڙ خواب کان گھٽ ناھي ڇو ته ان معاهدي جي مدت ختم ٿي وئي،

۽ عدليه ڪرپٽ سياستدانن ۽ صنعتڪارن جو پئنڊورا بڪ کولي ڇڏيو آھي، ھاڻي اين آر او مان فائدو وٺڻ وارا ان خوف ۾ وٺجي ويا آھن ته اھي مُقدمن جي جنگ ڪيئن وڙھندا.؟ قانوني مشيرن انھن ماڻھن کي اھي مشورا به ڏنا ته ھُو پنھنجي وزارتن تان مستعفي ٿي وڃن نه ته انھن کي وزارتن سميت جيل جي ھوا کائڻي پوندي.

سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي ساک ان سبب ڪري به متاثر ٿي رھي آھي ته ھِتي جيڪو به حڪمران آيو آھي اُن ڪرپشن ۾ اڳوڻي حڪومت جا تمام ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن. سياست ۽ ڪرپشن ٻه مختلف شيون آهن پر پاڪستان جو سياستدان ان وقت تائين صحيح معنيٰ ۾ سياستدان ئي نه چئبو آھي جيسيتائين اھو ڪرپشن نٿو ڪري.

اھا ھڪ حقيقت آھي ته پاڪستان ۾ تقريبن ھر ھڪ سياستدان ڪرپٽ آھي، اهي شڪ اجايا ناهن ڪيا ويندا انهن جي ڪرپشن جا واضع ثبوت به موجود ھوندا آھن، جنھن ۾ اھي ڪرپشن ۾ ملوث جاڻايل ھوندا آھن.

اولهه جي ملڪن ۾ سياستدان حڪومت ٺاھي عوام جي خدمت ڪندا آھن جڏھن ته پاڪستان ۾ سياست ھڪ ڪاروباري روپ اختيار ڪري چُڪي آھي. ھتي سياست ۾ حصو وٺڻ لاءِ ماڻھو پھرين پيسا گڏ ڪندا آھن ۽ پوءِ پيسن جي آڌار تي سياست ۾ حصو وٺندا آھن. ھڪ اندازي جي مطابق صوبائي حڪومت جي سيٽ تي اليڪشن وڙهڻ وارو اميدوار گھٽ ۾ گھٽ 50 لک روپيا خرچ ڪندو آھي، پوءِ ان جي قسمت آھي ته ھو اليڪشن ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا نه. جڏھن ته قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي اليڪشن وڙهڻ وارو اميدوار اليڪشن مھم ۾ ھڪ ڪروڙ روپيا خرچ ڪندو آھي جڏھن ھو اسيمبليءَ جو ميمبر بڻجي ويندو آھي ته ان کانپوءِ چونڊن ۾ خرچ ڪيل رقم کي ڪرپشن جي شڪل ۾ جمع ڪندو ويندو آھي. ھي آھي پاڪستان جي مڪمل سياست ته اليڪشن ڪيئن کٽڻي آھي؟ ۽ اليڪشن بعد ڪروڙين روپيا ڪيئن ھضم ڪرڻا آھن؟ اليڪشن کٽڻ کان بعد نه صرف ان سياستدان جي زندگي جو معيار تمام اعليٰ ٿي ويندو آھي پر ان سان گڏ ھو ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ به پيسا جمع ڪرڻ شروع ٿي ويندو آھي، جڏھن ته پاڪستان جي چالاڪ ۽ ھوشيار سياستدانن جي سوچ اتي ختم نه ٿي ٿئي پر اِھي اُھو به سوچيندا آهن ته ايندڙ اليڪشن ۾ ھُو ڪھڙي به طرح ھارائي ويا ته پوءِ ان جي پارٽي جيڪڏھن ان کي ٻيھر ان تڪ تي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت نه ڏنيء ۽ ھارائڻ کانپوءِ اپوزيشن پارٽي ۾ رھندي ھو پنھنجا خرچ ڪيئن برداشت ڪندو.؟

انڪري اُھي مستقبل جي منصوبابندي به ڪرپشن جي صورت ۾ ڪندا آھن، ۽ ترقياتي ڪمن جي نالي تي ڪروڙين رپيا حڪومت کان وٺي ھڙپ ڪري ويندا آھن، جنھن ڪري اپوزيشن ۾ رھندي ھُو پنھنجو وقت تمام سٺي طريقي سان گذاريندا آهن، ۽ نئين اليڪشن جا ڏينھن ڳڻڻ به شروع ٿي ويندا آھن.

پاڪستان جي سياستدانن جي اھا سوچ آھي ته اليڪشن م جيترا پيسا خرچ ڪيا ويا آهن اقتدار ۾ اچي ان کان ڏھوڻ تي گڏ به ڪرڻا آھن.جيڪڏھن اسين ان کي سياستدانن جو پاڳل پڻو چئون ته اھو مناسب رھندو.

اپوزيشن جو حصو ٿيڻ بعد ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي حڪومتي ميمبرن جي سخت تنقيد کي به منھن ڏيڻو پوندو آھي. اُھي نه صرف انھن کي بُرو ڀلو چوندا آھن پر انھن تي ڪرپشن جا لاتعداد الزام به لڳائيندا آھن، جن جا بعد ۽ ثبوت به گڏ ٿيڻ لڳندا آھن، ان وچ ۾ اپوزيشن جي اڳواڻن کي پنھنجي ان دوستن جي حمايت حاصل ھوندي آھي جن کي حڪومت ۾ رھڻ دوران اُنھن جي مدد ٿيل ھوندي آھي ۽ اُنھن جي دولت سان به نوازيل ھوندا آھن.

پنھنجي ويجھي ماڻھن کي نه صرف ملازمتون ڏنيون ويون هونديون آهن پر اعليٰ عھدن تي به فائز ڪرائيندا آھن، ۽ اھو ئي سبب آهي ته جيئن اپوزيشن ۾ ھجڻ بعد به ان جي صنعتڪارن ۽ ڪجھه سياستدانن سان لاڳاپا ٺيڪ رھندا آھن.

سياست ۾ قدم ڄمائڻ لاءِ سياستدان پنھنجي رشتيدارن مٽن مائٽن ۽ سٺي واسطن وارن ماڻھن جي مدد ڪندا رھندا آھن اِھا سوچ رکي ته اُھي مشڪل وقت دوران سندن جو ساٿ ڏيندا.جڏھن ته جن ماڻھن ووٽ ڏئي ان کي چونڊرايو ھوندو آھي انھن جي باري ۾ حڪومت جو حصو ھوندي يا اپوزيشن جو حصو ٿيڻ بعد ھڪڙو سيڪڙو به ناھن سوچيندا.

سياستدان سڀني کان وڌيڪ بيوروڪريٽس کي سڃاڻيندا آھن ۽ وري بيوروڪريٽس انھن سياستدانن جي ڪري پنهنجن مائٽن کي من پسند نوڪرين ۾ ڀرتي ڪرائيندا آھن.

سياستدانن جو آشيرواد مٿي تي ھئڻ ڪري ٻيوروڪريٽس به ڪرپشن ۾ انھن کان گھٽ ته ناھن ھوندا پر ريڪارڊ ڪرپشن ڪندا آھن.

ٻي طرف ڪجھه بيوروڪريٽس اھڙا به ھوندا آھن جيڪي حد کان وڌيڪ ايماندار ھوندا آھن. جڏھن ته انھن جي سياستدانن سان اعليٰ لاڳاپن باوجود اھي ڪرپشن ۾ ملوث ناھن ھوندا، جن جو فائدو انھن کي اھو ٿيندو آھي ته اھي ريٽائرمنٽ بعد عزت سان پنھنجو عھدو ڇڏيندا آهن،

پاڪستان جي سياست ۾ سڀ کان وڏو ناڪاري پاسو "لوٽا ازم” آھي. اھڙا سياستدان جيڪي پيسي خاطر پنھنجيون وفاداريون تبديل ڪري چڏيندا آھن، انھن کي وڌيڪ رسوائي کي منھن ڏيڻو پوندو اھي. پنھنجيون ھمدرديون تبديل ڪندڙ تمام تر سياستدان اقتدار م آيل پارٽي جو حصو بڻجي پنھنجي مٿان لڳايل ڪرپشن جي الزامن کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. ۽ جيتري دير تائين اُھي حڪومت جو حصو رھندا آھن انھن کي نه ته ڪير تنگ ڪندو آھي ۽ نه ئي انھن کي ڪرپشن جا ڪيس کولڻ جو خوف ھوندو آھي. سياستدانن سان گڏوگڏ ڇو ته صنعتڪارن به اين آر او مان فائدو ورتو ھو ته انڪري اھي ھاڻي ملڪ مان فرار ٿيڻ جي باري ۾ سوچي رھيا آھن. پاڪستان جي سياست جو ھڪ اھو منفي پاسو به اثرانداز ٿي رھيو آھي ته پاڪستان جي سياست تي جاگيردارن وڏيرن، سردارن ۽ چوڌرين جو قبضو آهي.اھي ماڻھو ڪنھن نه ڪنھن روپ ۾ اقتدار ۽ اپوزيشن جو حصو رھندا ايندا آھن، ۽ سالن کان اُھي ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ اڳيان اچي ويندا آھن.

اڄ به پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ جتي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي سيڪڙو ايڪڙ ايراضي آھي اتان جا ڳوٺ انھن جي تابع آھن، اتي انھن زميندارن جي پٽن ۽ ڌيئرن کان علاوه ڪوئي ٻيو شخص سياست ۾ حصو نٿو وٺي سگھي. جيڪڏھن ڪو جرئت ڪري ته ان کي مارايو ويندو يا کيس ناڪامي جو منھن ڏسڻو پوندس. انڪري به انھن سياستدانن جو سياست تي اثر ڪيترن سالن کان برقرار رھندو پيو اچي.

پاڪستان ۾ سياست ھڪ منافعي بخش ڪاروبار آھي، ڇو ته جيستائين والدين سياست ۾ رھندا آھن ۽ اھي ملڪي دولت کي لٽي کائيندا رھندا آھن ۽ ان کان پوءِ وري انھن جي اولاد اھا زميواري سنڀالي وٺندي آھي جنھن جا لاتعداد مثال موجود آھن، ۽ اھو سلسلو نسل در نسل جاري رھندو پيو  اچي، پاڪستاني سياستدان حڪومتي حصو ٿيڻ کانپوءِ نه صرف پاڻ کي عوام کان اعليٰ سمجھڻ لڳندا آھن پر قانون کي به ھٿ ۾ کڻندي به ڪو شرم محسوس ناھن ڪندا. حڪومت ۾ ايندي پاڻ مٿان لاڳو ٿيندڙ تمام ٽيڪس معاف ڪرائي وٺندا آھن يا ٽيڪس ادا ئي ناھن ڪندا. ان کان علاوه ميرٽ جي لتاڙ جو سھرو به سياستدانن جي سِر تي آھي ۽ اھي ماڻھون جن کي عوام چونڊي قومي يا صوبائي اسيمبلي تائين پهچائيندو آهي. اھي پنھنجي سڄي مُدي دوران عوام جو ڏک، درد ۽ پريشاني محسوس ئي ناھن ڪندا.

نتيجي ۾ سالن کان ملڪ ۽ ملڪي عوام جي قسمت تبديل ناھي ٿي سگھي، ھميشا وانگر اڄ به مسئلن جا انبار وڌندا ساڳي شڪل ۾ برقرار آھن ۽ ملڪي سياست به ساڳي لائين تي بيٺل آھي پري پري تائين ڪابه تبديلي نظر نٿي اچي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.