بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورس تي حملو، ٻه اهلڪار شهيد

راولپنڊي (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ دهشتگردن جي سڪيورٽي فورسز چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد  ٿي ويا. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ خوشاب جو رهواسي لانس نائيڪ منظر عباس ۽ خضدار جو رهواسي سپاهي عبدالفتح شهيد ٿي ويا، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز  جي جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگرد فرار ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورس اهڙي دشمن عنصرن جي ڪارروائين کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پر عزم آهي، دهشتگردن جو مقصد بلوچستان جي امن ۽ ترقي  کي متاثر ڪرڻ آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.