گهٽ ڪمائيندڙن لاءِ 22 سيڪڙو مهانگائي ، کنڊ، دال ۽ آنا مهانگا

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ مهانگائي جو راڄ برقرار آهي ۽ هڪ هفتي ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.40 سيڪڙو واڌ سان مهانگائي جو پارو 19.83 سيڪڙو جي سطح تي پهچي ويو آهي. وفاقي اداري شماريات طرفان مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن موجب ماهوار 17 هزار روپيه ڪمائيندڙن جي لاءِ مهانگائي رڪارڊ 22 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هلندڙ هفتي دوران 23 شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ۽ ٽماٽا، ايل پي جي، ڪاٺيون وڌيڪ مهانگيون ٿي ويون. شماريات کاتي جي رپورٽ موجب هلندڙ هفتي ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 118 روپيه 3 پئسا وڌيڪ مهانگو ٿيو. جنهن کان پوءِ قيمت 2345 مان وڌي 2463 ٿي وئي آهي. هڪ هفتي دوران ٽماٽا في ڪلو 5 روپيه 42 پئسا مهانگا ٿي ويا. هلندڙ هفتي کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 1 روپيو 32 پئسن جو اضافو ٿيو. هڪ هفتي دوران آنن جي في درجن قيمت ۾ 5 روپيه 3 پئسن جو اضافو. هلندڙ هفتي دال ماش جي في ڪلو قيمت ۾ 3 روپيه 47 پئسن جو اضافو ٿيو. ڪاٺين جي في مڻ قيمت ۾ 3 روپيه 43 پئسن جو اضافو ٿيو. هلندڙ هفتي صرف 5 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي، پٽاٽا 2 روپيه 5 پئسا في ڪلو سستا ٿيا، بصر، ڳڙ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي ٿي جڏهن ته چانور، ڪوڪنگ آئل سميت 23 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.