ڪي پي ۾ شڪست تي پي ٽي آءِ ۾ سونامي، وزيراعظم سمورو پارٽي ڍانچو ٽوڙي ڇڏيو

اسلام آباد( م ڊ) وزيراعظم عمران خان خيبر پختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ شڪست تي تحريڪ انصاف جو انتظامي ڍانچو ٽوڙي ڇڏيو. عمران خان جي صدارت هيٺ سپريم ڪميٽي جو اجلاس ٿيو،  جنهن ۾ خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن، سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي گورنرن، وفاقي وزيرن ۽ سينيئر اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن تي مشاورت ڪئي وئي.اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته وزيراعظم مرڪز کان وٺي تعلقن تائين سڀ ڪميٽيون ختم ڪري ڇڏيون آهن، ڪنهن مائٽ کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو مقامي قيادت نه ڪندي، پارٽي جو نئون انتظامي ڍانچو جوڙيو ويندو.هن دعويٰ ڪئي ته تحريڪ انصاف هن وقت به ڪي پي جي سڀ کان وڏي جماعت آهي، دانهون مليون آهن ته ڪي پي ۾ ٽڪيٽون خاندانن ۾ ورهايون ويون،  وزيراعظم ميرٽ جي ابتڙ ٽڪيٽن جي ورهاست تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.