پارليامينٽ ۾ايندڙ جي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي، 5 هزار ڏنڊا بردار گوڏا کوڙائن ٿا

حيدرآباد(رپورٽ: عتيق ملاح ) حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل 5 ڏينهن واري ستين اياز ميلي جي ڇوٿين ڏينهن تي فڪري ويهڪون منعقد  ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ ”جمهور ۽ هجوم“  جي عنوان هيٺ نامياري ليکڪه نورالهدي شاهه ۽ نامياري سينيئر صحافي وسعت الله خان وچ ۾ مڪالمو ٿيو. ان موقعي تي نور الهدي شاهه ڳالهائيندي چيو ته اسان کي طئه ڪرڻو آهي ته جمهور ۾ بيهڻُو آهي يا هجوم ۾ بيهجي، پر اڪثريت اهو طئه ڪري ٿي ته هجوم ڏانهن وڃان، هجوم ڏانهن وڃڻ جو مقصد تماشو ڏسڻ آهي، هجوم کان بچڻ وڏو سوال آهي. هن چيو ته نوجوانن کي سوچڻ جي ڏاڍي ضرورت آهي، هجوم ٿيڻ کان ڪيئن بچائجي، رياست اسان کي ٺاهيو ئي اهڙو آهي، ڪو ٻيو مري ان جو شدت سان انتظار ڪيو وڃي ٿو پر پنهنجي حصي جو ڪم ناهي ڪبو، جنهن جي مرڻ تي انصاف نه ڪري سگهجي ته اهو شهيد سڏيو وڃي ٿو، سنڌ ۾ وري نئون ٽرينڊ جڙيو آهي جنهن کي قرباني ڏيڻ سڏيو وڃي ٿو، پر اهو سوچڻ گهرجي ته انسان زنده رهڻ جي لاءِ ٺهيو آهي، توهان ڪنهن کان قرباني جي فرمائش نٿا ڪري سگهو. هن چيو ته ڇوڪري کان سوال ڪرڻ جو حق گهر کان سندس ڀاءُ کسي ٿو، ان ڀاءُ جي هجوم سان گڏجڻ جي پريڪٽس پنهنجي گهر کان ٿئي ٿي، ڀاءُ جي رشتي ۾ فرد انسان نٿو ٿئي تيستائين سوال ڪرڻ وارو حق کسيل رهندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي بنياد کي ئي ناهي سمجهيو ويو، جمهوري حقن جي بنياد ڪهڙا آهن ان تي ڳالهه نٿي ٿئي، ووٽ وٺي پارليامينٽ ۾ ويٺل جي هٿ ۾ ڪا به شي ناهي، هجوم فيصلا ڪرائي ٿو وٺي. هن چيو ته ماڻهو ووٽ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي قبيلي، وڏيري ۽ سردار جي خواهش موجب ويندو آهي، سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ اهي تصويرون هونديون آهن جنهن ۾ نوجوان سردارن جي پڳداري جي رسمن ۾ ويٺا نچندا آهن، ووٽ اسان اتي وڃي ڏينداسين جتي سردار ۽ قبيلو چوندو آهي، هن چيو ته غداري جو سرٽيفڪيٽ سنڌ ۾ به تمام گهڻو سستو وڪامجي رهيو آهي، ڀونپو اديب ۽ صحافي به موجود آهي، اها تربيت ڪئي وئي آهي ته وسعت الله سڀاڻ زرداري سان وڃي ملي ته توهان جي لاءِ غداري جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويندو، پوءِ وسعت الله خان جي پٺين ڪم کي وساري ڇڏبو. اياز جي نالي تي جن عورتن ميلو لڳرائي سنڌي سماج ۾ تبديلي جي هڪ روايت وڌي آهي، پر سوشل ميڊيا تي انهن عورتن کي تمام گهڻو سنگسار ڪيو پيو وڃي،. هن چيو ته پاڪستان کي معجزن جي سرزمين بڻايو ويو آهي معجزن جي سرزمين آهي نه، پاڪستان ۾ ماڻهن جي هٿن ۾ ڪارڊ ڏنا ويا آهن، پاڪستان ٺهندي ئي انڪار ڪندڙ صوفين جي اصل پيغام کي لڪائڻ جي لاءِ هن ڌرتي تي جيترا صوفي شاعر گذريا آهن انهن سڀني کي ولي ۽ اولياءَ قرار ڏئي سندن قبرن تي چادرون چاڙهيون ويون. هن چيو ته قومپرستي ۾ به هڪڙي انتهاپسندي اچي وڃي ٿي، جيڪا نه ٿيڻ گهرجي، ذهني طور تي زبان بندي اچي وڃي ٿي، گذاري ويل سياستدان کي (رح) سڏيو وڃي ته ان کانپوءِ ڇا ٿو چئي سگهجي. پر هجوم ان کي چئبو آهي جيڪي طاقت جي زور تي لشڪر ڪشي ڪري پنهنجي ڳالهه مڃائين ٿا، هجوم وٽ 5 هزار ڏنڊا بردار ماڻهو هجن ته رياست کي گوڏا کُوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن، هن چيو ته سوال ڪرڻ جي عادت پاڻ ۾ وجهڻ گهرجي، گهر کان ئي سيکاريو وڃي ٿو ته ڪنهن وڏي کان سوال نه ڪيو، اڄ جو سوڪالڊ صحافي به پريس ڪانفرنس بعد سوال ڪرڻ جي نالي تي 7 منٽن جي تقرير ڪري ڇڏي ٿو، ڇو ته ان جي ڪا ٽريننگ ئي ناهي. هن چيو ته پارليامينٽ جي سامهون 5 سئو ماڻهو اچي پنهنجي ڳالهه مڃائي وڃي ته منهنجو ووٽ ڪنڊ ۾ بيٺل نظر ايندو ته اهڙي پارليامينٽ ۽ چونڊيل نمائندا پوءِ ڪهڙي ڪم جا رهن ٿا. سعودي عرب جي ڳالهه اچي ٿي ته اسان جي زبان بند ٿيو وڃي، فنڊ بند ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته هتي ڪنهن جي مارجي وڃڻ تي چيو وڃي ٿو ته مرڻ وارو ته مري ويو هاڻ توهان ڇا ٿا چاهيو، حڪومت ۽ پوليس به اها چوندي توهان ڇا ٿا ٿيو. هن چيو ته شهيد ناظم جوکيو جي قتل ٿي وڃڻ تي پکين ۽ فطرت جي لاءِ موت قبول ڪرڻ تي واهه واهه ته ڪئي وڃي ٿي پر اهو نٿو سوچيو وڃي ته هو آخر ماريو ڇو ويو

  • سائين جي ايم سيد علامه آءِ آءِ قاضي کي متعارف ڪرايو:

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ ڪتابن جي مهورت واري ويهڪ پڻ ٿي، جنهن ۾ نامياري اديب مدد علي سنڌي پاران لکيل ڪتاب “علامه آءِ آءِ قاضي  شخصيت جو احوال” جي مهورت پڻ ٿي، جنهن جو ماڊريٽر مخمور بخاري هو. ان موقعي تي مدد علي سنڌي چيو ته علامه آءِ آءِ قاضي جون سنڌ جي تعليم جي حوالي سان تمام وڏيون ڪوششون هيون، سنڌ يونيورسٽي هن جي خواب جي ساڀيان هئي، 51ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي کي لنڊن مان گهرائي چيو ويو ته توهان حيدرآباد ۾ وڃي يونيورسٽي ٺاهيون، آءِ آءِ قاضي چيو ته آئون نه صرف يونيورسٽي ٺاهيندس پر ان جو ڪيمپس به ٺاهيندس، هن استادن جي سکيا جو به ادارو قائم ڪيو، قاضي صاحب جي خواهش هئي ته ڄامشورو ۾ يونيورسٽي قائم ٿئي. هن چيو ته سائين جي ايم سيد علامه آءِ آءِ قاضي کي متعارف ڪرايو ۽ ان کانپوءِ علامه آءِ آءِ قاضي تي مضمون لکيو، علامه آءِ آءِ قاضي جي وفات کانپوءِ سائين جي ايم سيد حيدرآباد ۾ اچي چيو ته ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي ته قاضي صاحب جي پهرين ورسي هئي پر ڪنهن به نه ملهائي آهي، ان کانپوءِ اسان سائين جي ايم سيد جي صدارت ۾ بسنت هال حيدرآباد علامه آءِ آءِ قاضي جي ورسي تقريب منعقد ڪئي. هن چيو ته سائين جي ايم سيد يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ تعليم جي وزير طور جيڪا ڪميٽي ٺاهي هئي اها به هن ڪتاب جو حصو آهي، هن ڪتاب ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي سڄي زندگي هن ڪتاب ۾ موجود آهن، علامه آءِ آءِ قاضي يونيورسٽي ٺاهڻ جو باني هو ۽ هڪ ادارو ٺاهي هو ڪيترن ئي نسلن تي ٿورو ڪري ويو، نامياري ليکڪ گل محمد عمراڻي چيو ته هن ڪتاب ۾ ريسرچ ٿيل آهي، منجهيل ۽ لڪل شين کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ سٺي ريسرچر جي ڪوالٽي آهي. هن چيو ته علامه آءِ آءِ قاضي جي زندگي مختلف مرحلن مان گذرندي رهي، هن ڪتاب جو هيرو سائين جي ايم سيد ئي آهي، جنهن يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو سائين جي ايم سيد ئي چيو هو، هي ثقافت کاتي پاران ڪتاب ڇپايو ويو آهي سرڪاري ڪتاب آهي ممڪن آهي ته سرڪار کي سائين جي ايم سيد جي ايتري ذڪر تي ڪجهه خدشا به هجن، پر مدد علي سنڌي وڏي جرئت سان علامه آءِ آءِ قاضي تي سٺو ڪتاب لکيو. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي اڳ فائونڊر ويڪ ملهايو ويندو هو، هاڻ هڪ باني جي لاءِ هڪ هفتو ته پري جي ڳالهه آهي پر هڪ ڏينهن به نٿو ملهايو وڃي، علامه آءِ آءِ قاضي تي رڳو هڪ پي ايڇ ڊي ٿي آهي، يونيورسٽي انتظاميا پي ايڇ ڊي پروگرام ترتيب ڏي.

  • زمينن جي ڦر لٽ سنڌ کان سرائڪي وسيب تائين جاري آهي: نذير لغاري

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ نامياري صحافي نذير لغاري جي ناول “وساخ” جو مهورت ڪيو ويو، جنهن جي ماڊريٽر سعيده شڪيل هئي. ان موقعي  تي ڪتاب جي ليکڪ نذير لغاري چيو ته ڪتاب ۾ سماجي، طبقاتي، خطي جي تاريخ، تهذيب، تمدن، جاگرافي بابت لکيل آهي، سرائيڪي وادي سنڌ جو علائقو آهي، سرائيڪي بيلٽ ۾ آباد علائقي کي ريگستان مان ايندڙ ماڻهو پنجاب جو علائقو نه پر درياهه جي ڪري سنڌ ئي سڏيندا آهن. سرائيڪي وسيب کي رواداري ۽ امن سنڌ کان مليو آهي، سنڌ ۾ ڪوٽڙي بئراج ٺهيو ته هتان جي 4 لک زمين جرنلن سميت ٻين وڏن ماڻهن کي الاٽ ڪئي وئي، اهڙي طرح گڊو بئراج تي به زمين ڏني وئي. زمين جي اها لٽ مار ڪراچي ۽ حيدرآباد کان ويندي سرائيڪي وسيب تائين سڄي ملڪ ۾ ٿي رهي آهي، رياستي سورما ملڪ جا مالڪ بڻيل آهن، جيڪي مرضي سان من پسند ماڻهن کي زمينون ڀڳڙن مٺ تي ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته مون رسول بخش پليجي کي چيو ته ملڪ ۽ سماج جي مسئلن تي هڪ ناول لکو، پليجي مونکي چيو ته اهو ناول آئون لکان، جيڪو رسول بخش پليجي جي وفات بعد مون لکيو.  ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته سرائيڪي ادب جي اوج جو هي هڪ اهم ناول آهي. سرائيڪي وسيب اڄ به پاڻ کي پنجاب جو حصو نه پر سنڌ ۽ سنڌو درياهه جو حصو سمجهي ٿو.ڪتاب تي عابده بتول ۽ سلطان لاشاري چيو ته هي هڪ ناول نه پر سرائيڪي زبان جو انسائيڪلو پيڊيا آهي، هنن چيو ته وسيب بابت ناول ۾ تفصلي ذڪر ڪيو آهي.03

  • ميلي ۾سيف سميجي، رفيق فقير، اقرار وحيد ، ريشمان پروين آلاپ وکيريا

حيدرآباد؛ اياز ميلي ۾ محفل موسيقي ۾ ناميارن راڳين سيف سميجو، رفيق فقير، اقرار وحي علي، اختر درگاهي، ريشمان پروين ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري محفل کي گرمائي ڇڏيو، حاضرين محفل تاڙيون وڄائي راڳين کي زبردست داد ڏنو. جڏهن ته اياز ميلي ۾ شيخ اياز جو منظوم ڊرامو ڀڳت سنگھه کي ڦاسي سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن جو ڊائريڪٽر شاھنواز ڀٽي ھو، ڊرامو ڏسڻ جي لاءِ وڏي انگ ۾ نوجوان پهتا ۽ هال ڀرجي ويو، برصغير ۾ آزادي واري جدوجهد ۾ خوشي سان ڦاهي کي جمندڙ ڪردار ڀڳت سنگهه جي زندگي، جدوجهد ۽ ڦاهي وارا منظر پڻ ڏيکارا ويا.

  • سورمي اها آهي جنهن وٽ انڪار جي سگهه هجي: عطيه دائود

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ ”جديد دور جون سورميون ۽ اياز“ جي ويهڪ ٿي، جنهن جي مارڊيٽر  صائمه وهاب هئي. ان موقعي تي عطيه دائود چيو ته جديد دور جي سورمي اها ٿي سگهي ٿي جنهن وٽ انڪار جي سگهه هجي، اڄ جي دور جي سورمي بينظير ڀٽو، نصرت ڀٽو، مائي جندو ۽ مختاران مائي آهي.. امر سنڌو چيو ته شاعر پدرشاهي سماج ۾ هڪ قدم اڳتي ڪري سورمي جو تصور ڏيندو آهي، اسان وٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي پهريون فيمنسٽ شاعر آهي جنهن پدرشاهي سماج ۾ هڪ قدم اڳتي وڌي سورمي جو تصور ڏنو، شيخ اياز به ائين هڪ قدم اڳتي اچي پدرشاهي سماج ۾ سورمي جو تصور ڏنو، اڄ جي دور جي سورمي کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. هن چيو ته پاڪستاني رياست اهڙا ماڻهو ٺاهڻ چاهي ٿي جيڪا ان کي پسند ڪري، پدرشاهي سماج عورتن لاءِ جيڪو ڪم ڪندي آهي اهو ئي ڪم رياست شهرين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪري ٿي، عورتن کي آزادي ڏيڻي پوندي.

  • اياز غزل جي ٻولي ئي بدلائي: اسحاق سميجو

حيدرآباد: اياز ميلو ۾ “غزل اياز” جي ويهڪ ٿي، جنهن جو ماڊريٽر خالد آزاد هو. ان موقعي  تي ڊاڪٽر اسحاق  سميجي چيو ته اياز کان پهرين ڪو به اهڙو شاعر ڪو نه آهي جنهن غزل کي بيت جو روپ اندو هجي  اياز جي غزل ۾ لوڪ گيت جو روپ ڏنو ۽ جيڪو موسيقي ۾آندو. عالمي دنيا ۾ غزل سنڌي غزل ڳايا پيا وڃن. هن چيو ته اياز غزل جي ٻولي ئي بدلائي ڇڏي آهي. جنهن ۾ گهڻي وسعت آهي. هن چيو ته نارائڻ شام. امداد حسيني، وفا ناٿن شاهي به غزل جا ڪمال جا شاعر آهي. ويهڪ ۾ رخسانه پريت چنڙ، امر اقبال، بخشل باغي، علي زاهد ۽ امر پيرزادو ڳالهايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.