بدين ۾ بيواهه عورت جو ٻارڙن سميت مڙس جي مبينه قتل خلاف احتجاج

بدين ۾ بيواهه عورت جو ٻارڙن سميت مڙس جي مبينه قتل خلاف احتجاج ڪيو ويو

ڳوٺ غلام محمد ابڙو واسڻ عورت مسمات مهرالنساءَ ابڙو مخالفن محمد يوسف ابڙو، رزاق ابڙو، شڪيل ابڙو ۽ ٻين تي مڙس جي قتل جو الزام هڻندي چيو ته جوابدارن زميني تڪرار تان منهنجي مڙس کي قتل ڪيو آهي

هن چيو ته ٽي ڏينهن اڳ 22 تاريخ تي اطلاع ڏنو ويو ته تنهنجو مڙس محبوب شاھ درگاھ وٽ بيھوش پيل آهي، مان پھتس ته خبر پئي هو فوت ٿي چڪو آهي، مونکي مڙس جو منهن به ڏسڻ نه ڏنو ويو

عورت اختيارين کان گهر ڪندي چيو ته مڙس کي ڪا به بيماري نه هئي، کيس قتل ڪيو ويو آهي، قتل جو ڪيس داخل ڪري انصاف ڏياريو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.