جسٽس عائشا ملڪ جو نالو سپريم ڪورٽ ۾ مقرري لاءِ ٻيهر تجويز

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد هڪ ڀيرو ٻيهر پهرين عورت جج سپريم ڪورٽ ۾ آڻڻ لاءِ جسٽش عائشا ملڪ جو نالو تجويز ڪري ڇڏيو.

چيف جسٽس گلزار احمد پهرين عورت جج سپريم ڪورٽ ۾ آڻڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر جسٽس عائشا ملڪ جو نالو تجويز ڪيو آهي.

ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 6 جنوري تي ٿيندو، جنهن ۾ جسٽس عائشا ملڪ کي سپريم ڪورٽ آڻڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر غور ڪيو ويندو.

واضح رهي ته سيپٽمبر ۾ ٿيندڙ جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ 4-4 جي شرح سان جسٽس عائشا ملڪ جي نالي جي منظوري نه ٿي سگهي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.