شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش جو چيف جسٽس نوٽيس وٺي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش جو چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس وٺي ڇڏيو.

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ 28 ڊسمبر تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ ايس ايس پي خيرپور کي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته عدالت شاهه لطيف يونيورسٽي جي رجسٽرار کي به پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.

ڳڻتي جوڳي واقعي تي چيف جسٽس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور کان به واقعي جي ڌار رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

واضح رهي ته راڻيپور قومي شاهراهه تي 7 کان وڌيڪ جوابدارن هٿيارن جي زور تي يونيورسٽي جي بس کي روڪي شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران شاگردياڻين مزاحمت ڪئي ته انهن کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن دوران ڪجهه شاگردياڻيون به زخمي ٿيون هيون.

واقعي بابت متاثر شاگردياڻي خوشبو ڀٽي جو چوڻ هو ته جوابدار صفدر وساڻ زبردستي بس کي روڪي هٿياربندن سان گڏ بس ۾ سوار شاگردياڻين سان بدتميزي ڪئي ۽ مونکي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

شاگردياڻي کي اغوا جي ڪوشش ۽ شاگردياڻين کي زخمي ڪرڻ واري واقعي خلاف شاگردن قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.