تبديلي سرڪار ۾ عوام جي ظلم جاري، هلندڙ هفتي به 23 شيون مهانگيون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هلندڙ هفتي گهٽ اجرت واري طبقي جي لاءِ مهانگائي جي شرح 22 سيڪڙو رهي، ڳڻپ واري کاتي جي رپورٽ موجب 23 شين جي اگهن ۾واڌ ٿي، ايل اين جي جو گهرو سلينڊر 118 رپيا مهانگو ٿيو.

ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي، هڪ هفتي دوران پيٽروليم، گئس، ( ايل اين جي)، ڪاٺين، کنڊ، دالين، ٽماٽي، بيضن، گوشت، کير، ڏهي سميت 23 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي.

ڳڻپ واري کاتي موجب ملڪ  ۾ مهانگائي جي گڏيل شرح 19.83 سيڪڙو رهي، سڀ کان گهٽ اجرت وارن ماڻهن جي لاءِ مهانگائي جي شرح 21.92 سيڪڙو رهي.

ايل پي جي جي گهرو سيلينڊر جي اگهه ۾ 118 رپيا 3 پئسا واڌ ڪئي وئي، جنهن سان اگهه 2 هزار 463 رپين کان به وڌي ويو.

کنڊ جي في ڪلو ۾ هڪ رپيو 32 پيسا واڌ ٿي، بيضن جو اگهه 5 رپيا 30 پيسا واڌ بعد في درجن 185 رپيا 21 پئسا ٿي ويو، ٽماٽا 5 رپيا 42 پئسا في ڪلو مهانگا ٿيا.

هلندڙ هفتي دوران دال مسور 3 رپيا 47 پئسا، مڱن جي دال 12 پيسا، دال ماش 35 پئسا ۽ چڻن واري دال 50 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي.

باهه ٻارڻ واريون ڪاٺيون في مڻ 3 رپيا 43 پئسا مهانگيون ٿيڻ بعد 788 رپيا 13 پئسا ٿي ويون، وڏو گوشت  2 رپيا، مٽر 6 رپيا 23 پئسا مهانگا ٿيا، جڏهن ته ڪڪڙ جي گوشت، کير ۽ ڏهي جي اگهن ۾ به واڌ ٿي آهي.

رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 5 عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي آئي آهي، ڪڻڪ، ڳڙ، ساوا مرچ سستا ٿيا، جڏهن ته 23 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.