خانپور مهر ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي ڌرڻو، سخت نعريبازي

خانپور مهر ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف جي يو آءِ پاران احتجاج، سوين ماڻهن گهوٽڪي-خانپورمهر روڊ ڪري ڇڏيو

آبادگارن، شهرين ۽ ڪارڪنن سميت سوين ماڻهن حافظ نصر الله گبول، امين گڏاڻي، محمد صديق گڏاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مٺڙي بس اسٽاپ وٽ روڊ بند ڪري سخت احتجاج ڪيو

ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مظاهرو ڪندڙ منافعي خور واپارين خلاف نعريبازي ڪندا رهيا

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته انتطاميا جي نااهلي سبب ڊيلر هٿراڌو کوٽ پيدا ڪري ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن آبادگارن ۽ هارين کي ڪنگال ڪيو پيو وڃي

اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته اختياريون نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪن، جيستائين ڀاڻ جي کوٽ ختم نه ڪئي ويندي تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.