وڏي وزير جي چونڊ تڪ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، رهواسي سخت پريشان

وڏي وزير جي چونڊ تڪ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ٿي وئي، ڪيترن ئي ڳوٺن جا آر او پلانٽ هڪ سال گذرڻ باوجود بحال نه ٿي سگهيا

ڳوٺ بند منڇر، مولابخش ملاح، ننگر خان بروهي سميت 20 کان مٿي ڳوٺن ۾ کاري پاڻي کي مٺو بڻائڻ لاءِ لڳايل آر او پلانٽ بند هجڻ سبب هزارين ماڻهو دربدر ٿي ويا

ان حوالي سان ڳوٺاڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ سال کان مٺي پاڻي جا آر او پلانٽ بند پيل آهن، کارو پاڻي استعمال ڪرڻ سبب مختلف موذي بيماريون ڦهلجڻ لڳيون آهن

هنن اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي آر او پلانٽ بحال ڪري مٺو پاڻي مهيا ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.