اومي ڪرون ڀارت ۾ زور وٺي ويو، مختلف رياستن ۾ ڪرفيو لاڳو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي رياست اتر پرديش ۾ اومي ڪرون جا ڪيسز سامهون اچڻ تي نائيٽ ڪرفيو لاڳو  ڪيو ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب رياست اتر پرديش ۾ ڪورنا جي ڏکڻ آفريقي ويرينٽ اومي ڪرون جا ڪيسز سامهون اچڻ تي نائيٽ ڪرفيو سميت ٻيون پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.

رپورٽ موجب رياستي اختيارين شادي جي تقريبن  ۾ وڌ کان وڌ 200 ماڻهن جي حفاظتي انتظامن سان شرڪت جي اجازت ڏني آهي، جڏهن ته سمورن دڪاندارن کي بنا ماسڪ جي ايندڙ ماڻهن کي سامان نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

رياست اتر پرديش ۾ رات 11 هين وڳي کان صبح 5 وڳي تائين مڪمل ڪرفيو هوندو، جيڪو 25 ڊسمبر کان لاڳو ٿي ويندو.

اختيارين پرڏيهه مان اتر پرديش ايندڙ ماڻهن کي سختي سان ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته ريلوي ۽ بس اسٽيشنز تي به ان حوالي سان حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

ان کان اڳ مڌيا پرديش رياست ۾ جي وڏي وزير به اومي ڪرون جا ڪيسز سامهون اچڻ بعد رياست ۾ فوري طور نائيٽ ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن جو وقت رات 11 وڳي کان صبح 5 وڳي تائين آهي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ جمعي جي صبح تائين اومي ڪرون جي ڪيسز جو انگ 358 هو، جن ۾ رياست مهاراشتر جا 88، دهلي جا 67، تلنگانا جا 38، تامل ناڊو جا 34، ڪاناٽڪا جا 31 ۽ گجرات جا 30 ڪيس شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.