بنگلاديش ۾ ٻيڙي کي باهه، 39 فوت، 100 زخمي، 70 کان وڌيڪ گم

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ هڪ ٻيڙيءَ ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 39 ڄڻا فوت ٿي ويا.

اختيارين موجب اهو حادثو جمعي جي صبح ملڪ جي ڏکڻ حصي ۾ پيش آيو، حادثي وقت ٻيڙي ۾ 300 جي لڳ ڀڳ ماڻهو سوار هئا.

ٻڌايو ويو آهي ته 70 کان وڌيڪ ماڻهو اڃا تائين گم آهن، جن جي ڳولا جو عمل جاري آهي.

طبي ذريعن جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 100 ڄڻا اسپتالن ۾ داخل ڪيا ويا آهن، جن مان گهڻي ڀاڱي سڙيل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.