گهوڙا ٻاري ويجهو پرائمري اسڪول جي عمارت زبون، ٻارڙا ولهه تي تعليم پرائڻ لڳا

گهوڙاٻاري ويجهو پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار بڻجي وئي، ٻارڙا سخت سيءَ ۾ کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور بڻجي ويا

يوسي کاڻ لڳ ڳوٺ سليمان بلوچ ۾ 1993 ۾ تعمير ٿيل پرائمري اسڪول جي عمارت جا زبون حالي سبب چاچڙ ڪرڻ لڳا، ٻارڙن جون حياتيون داءَ تي لڳي ويون

ان حوالي سان ڳوٺاڻن اسلم بلوچ، رحمت الله، مير حسن بلوچ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عمارت جي زبون حالي جون ڪيترائي ڀيرا اختيارين کي دانهون ڪيون آهن پر ڪنهن جي ڪن تي جونءَ نٿي چري

هنن چيو ته چاچڙ ڪرڻ سبب ٻارڙن جي حاضري گهٽجي وئي آهي، ڪجهه ٻارڙا اسڪول وڃن ٿا جيڪي ولهه تي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن

هنن سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪول جي عمارت نئين سر تعمير ڪرائي معصوم ٻارڙن جي تعليم ۽ حياتيون بچايون وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.