عورت جون نازيبا تصويرون اپ لوڊ ڪندڙ جوابدار کي 13 سال قيد جي سزا

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي مقامي عدالت عورت جون نازيبا تصويرون اپ لوڊ ڪرڻ تي جوابدار کي 13 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

جوابدار نوڪري جو ڏٽو ڏئي عورت کان پئسا ڦٻايا ۽ نازيبا تصويرون ٺاهي شيئر ڪيون، متاثر عورت جي درخواست تي ايف آءِ اي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي.

مقامي عدالت عورت جون نازيبا تصويرون اپ لوڊ ڪرڻ تي جوابدار کي 13 سال قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته جوابدار کي هڪ لک 60 هزار رپين جو ڏنڊ به ڀرڻو پوندو.

ڊي جي ايف آءِ اي ثناءُ الله عباسي ايف آءِ اي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.