گهوٽڪي: پيار پرڻو ڪندڙ نوجوان جي گهر کي باهه، ٻارڙي سڙي فوت

گهوٽڪي ويجهو پسند جي پرڻي تان نوجوان جي گهر کي مبينا باهه ڏيڻ سبب ٻارڙي سڙي فوت ٿي وئي

بگو واهه واري علائقي ۾ مبينا جوابدار ٻه سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان اختر شيخ جي گهر تي حملو ڪري باهه ڏئي ڇڏي

ان موقعي تي نوجوان اختر شيخ احتجاج ڪندي چيو ته پسند جي شادي تان گهرواري جا وارث ڪاوڙيل هئا، حملو ڪري گهر کي باهه ڏني وئي جنهن سبب 2 ورهين جي ٻارڙي سڙي فوت ٿي وئي آهي

هن اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته جوابدارن ڪاشف، طارق ۽ اسماعيل شيخ گهر کي باهه ڏني پوليس ڪاروائي نٿي ڪري نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف ڏياريو وڃي

جڏهن ته واقعي تي شيخ برادري پاران معصوم ٻارڙي جو لاش کڻي ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.