شاداب خان به بگ بيش ليگ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو

 

سڊني (ويب ڊيسڪ) بگ بيش ليگ جي ٽيم سڊني سڪسرز قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان سان معاهدي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ٽيم طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته شاداب خان بي بي ايل جي رهيل ميچن ۾ سڊني سڪسرز جو حصو هوندو ۽ ليگ جي پڄاڻي تائين ٽيم سان کيڏندو.

شاداب خان ان کان اڳ 2017 ۾ به بي بي ايل کيڏي چڪو آهي، ان وقت هن برسبين هيٽ جي نمائندگي ڪئي هئي.

واضح رهي ته بگ بيش ليگ ۾ حارث رئوف ۽ محمد حسنين به ايڪشن ۾ نظر ايندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.