ڪراچي وارا تيار ٿي وڃن! شهر ۾ مينهن ۽ سخت سيءَ جي اڳڪٿي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسمياتي کاتي ڪراچي ۾ برسات ۽ ٿڌ جي لهر ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر موجب اولهه سسٽم 25 ڊسمبر تي ملڪ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، ان سسٽم تحت ڪراچي ۾ 26 ۽ 27 ڊسمبر تي هلڪي برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 28 ڊسمبر کان سخت سيءُ پوندو ۽ ان دوران پارو 10 کان 9 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي سگهي ٿو.

موسميات کاتي اهو به چيو آهي ته جنوري جي پهرئين هفتي به شهر ۾ ٿڌ جي لهر برقرار رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.