ڪراچي: هڪ ٻئي نالي ۾ گئس ڌماڪو، 3 شهري زخمي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محمود آباد ۾ نالي اندر گئس ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 شهري زخمي ٿي پيا.

محمود آباد گيٽ ويجهو نالي ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو زخمي ٿيا، واقعي جي اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون ۽ زخمين کي کڻائي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ ٻين ٽيمن کي گهرائي واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي.

پوليس موجب ڌماڪي سبب موٽر سائيڪل جو هڪ دڪان تباهه ٿي ويو ۽ ڀرسان ٻين دڪانن کي به نقصان پهتو.

ايس ايس پي ايسٽ قمر رضا جسڪاڻي ٻڌايو ته جنهن جاءِ تي ڌماڪو ٿيو، اتي سئي گئس ليڪيج به هئي، شايد سئي گئس سيوريج جي نالي ۾ گڏ ٿيڻ ڪري ڌماڪو ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.