”رياست وڌيڪ ڳجها معاهدا نٿي ڪري سگهي، طالبان سرحد کي تسليم نٿا ڪن ته اسان اڳتي ڇو پيا وڌون“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي  ته طالبان پاڪستاني فوج کي افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ کان روڪيو آهي، هو سرحد کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن ته اسان ڇو اڳتي وڌي رهيا آهيون.

سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته پارليامينٽ جيستائين مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش نه ڪندي اهڙا واقعا سامهون ايندا رهندا، رياست کي ضرورت هجي ته پارليامينٽ کي استعمال ڪري سگهجي ٿو، اسان طالبان جي حمايت ته ڪري رهيا آهيون پر ڪو به ان تي نٿو ڳالهائي ته افغانستان ۾ طالبان جي موجودگي تي رياست جي پاليسي  افغانستان بابت درست آهي يا نه.

هن چيو ته پرڏيهي وزير ايوان ۾ اچي ٻڌائڻ پسند ڪندو ته افغان سرحد تي پاڪستاني فوج کي ڪنڊيدار تار لڳائڻ کان روڪيو ويو آهي، هو سرحد کي تسليم نٿا ڪن، طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) گروپ افغانستان ۾ ٻيهر فعال ٿي رهيو آهي، جنهن سان پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ واڌ ٿيندي.

ٽي ٽي پي سان جنگبندي بابت رضا رباني چيو ته رياست کي ٻڌائڻو پوندو ته ڪهڙن شرطن تي جنگبندي جي ڳالهه ڪري رهي آهي، رياستي ادارن ۽ ادارن خاص طور تي پارليامينٽ کي غير فعال بڻايو پيو وڃي.

پ پ سينيٽر چيو ته رياست وڌيڪ ڳجها معاهدا نٿي ڪري سگهي، نيشنل ايڪشن پلان تي پارليامينٽ ۾ ٻيهر بحث ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته ماڻهن کي گم ڪيو ويو، رياست انهن کي اهڙي هنڌ لڪائي ڇڏيندي آهي، جتان هنن جو پتو پوڻ مشڪل هوندو آهي، انتها پسند گروپن ڪراچي، لاهور، پشاور، سوات، مالاڪنڊ ۾ متبادل عدالتون ٺاهي ڇڏيون پر رياست چُپ رهي.

هن چيو ته عسڪري گروپن رياست جي حق کي چِٿي ڇڏيو پر رياست خاموش تماشائي بڻيل رهي، جيڪڏهن اهڙي رياست هجي ته اوهان ڪيئن ٿا چئي سگهو ته عسڪري پسندي اڳتي نه وڌندي.

رضا رباني چيو ته منهنجي ثقافت عربي نه سنڌ جي وادي جي ثقافت آهي، پاڪستان جي رياست جو مطلب حڪومتي ۽ فوجي بيورو ڪريسي آهي پارليامينٽ ۾ ويٺل ماڻهو نه، پنهنجي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ رياست مذهب جو استعمال ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.