خيرپور ناٿن شاهه ۾ گدام تي ڇاپو ، سوين ڀاڻ جون ٻوريون هٿ

خيرپورناٿن شاهه (ن ع آ) خيرپورناٿن شاه مير حسن روڊ تي اڇي ڀاڻ سان ڀريل ٽرڪ واپاري جي گدام ۾ لهي رهي هئي ته اطلاع تي مختيار  ڪار سعيد احمد کونهارو پهچي ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ته ايگريڪلچر کاتي دادو هيڊ ڪواٽر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر دين محمد بلوچ ، ڊپٽي ڊائريڪٽر خيرپورناٿن شاه ضياالحسنين جوڻيجو پنهنجي ٽيم سان گڏ پهچي روينيو جي ٽيم سان گڏ ڀاڻ وٺڻ لاء آيل آبادگارن جي لسٽ ٺاهي ڀاڻ سرڪار ي ريٽ ارڙهن سئو روپين تي في ٻوري آبادگارن ۾ تقسيم ڪرڻ لاء ٽوڪن ٺاهڻ شروع ڪيا ويا ته ورهاست دوران افراتفري مچي وئي ، مختيار ڪار ڀاڻ جي واپاري کي ٽوڪن مطابق ڀاڻ هلائيڻ جي اجازت ڏني ڀاڻ جي ورهاست دوران ٻيهر افراتفري مچي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.